اسلام آباد- 13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي نئين چونڊيل ميمبر سنجي پارواڻي، اسيمبلي جي ميمبرشپ جو حلف کڻي ورتو. قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه هن کان حلف ورتو. جنهن کانپوءِ هن رول تي صحيح ڪئي. ڊپٽي اسپيڪر ۽ ٻين ميمبرن هن کي مبارڪون ڏنيون. سنجي پارواڻي ايم ڪيو ايم جو قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ موهن منجياني جي استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ ميمبر چونڊيو ويو آهي.