لنڊن -23 ڊسمبر(اي پي پي ) ليور پول جي ٽيم انگلش پريميئر ليگ جي هڪ ميچ ۾ ٽوٽنهم هاٽپور کي 3-6 تان هارائي ڇڏيو جڏهن ته بورن مائوٿ به مانچيسٽر يونائيٽڊ کي 0-3 گولن تان هارائي ڇڏيو. پريمئير ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن . ٽوٽنهم هارٽ پور اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ليگ جي اهم ميچ ۾ ليور پول جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ٽوٽنهم هاٽپور جي ٽيم کي ٽن جي ڀيٽ ۾ 6 گولن تان هارائي ڇڏيو. محمد صالح ۽ لوئس ڊياز – 2 – 2، جڏهن ته اليڪسس ميڪ ايلسٽر ۽ ڊومينڪ سوبوسزلي هڪ ، هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيمن جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٽوٽنهم هاٽ پور پاران جيمز ميڊيسن، ڊيجان ڪولو سيوسڪي ۽ ڊومينڪ سولانڪي هڪ هڪ گول اسڪور ڪيو. اها ليور پول جي ليگ ۾12هين ڪاميابي آهي.