ويلنگٽن – 2 ڊسمبر (اي پي پي ) نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 6 کان 10 ڊسمبر تائين ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي . انگلينڊ جي ٽيم کي ميزبان نيوزيلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي . انگلينڊ جي ٽيم ڪيوي ٽيم کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي . ان کان اڳ نيوزيلنڊ اليون ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٻن ڏينهن واري وارم اپ ميچ بنان نتيجي ختم ٿي وئي هئي.