ايڊيليڊ _2 ڊسمبر (اي پي پي )آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 6 کان 10 ڊسمبر تائين ايڊيليڊ ۾ کيڏي ويندي. مهمان ٽيم کي آسٽريليا خلاف پنجن ٽيسٽ ميچن جي بارڊر/گواسڪر ٽرافي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي . ڀارت جي ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا جي ٽيم کي 295 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 1-0 جي برتري قائم ڪئي آهي.