اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته رياست ڪمزور نه آهي، امن امان جي رٽ هر صورت ۾ قائم رکنداسين، تحريڪ انتشار جي احتجاج ۾ تخريبڪار، شرپسند افغان شهري ملوث آهن، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل ۽ پٿر رکندڙن کي پرامن نه ٿا چئي سگهون، انهن ماڻهن غريبن جي ٻارن کي ڍال بڻائي هتي آندو آهي، انهن جا پنهنجي ٻار ليڊ ڇو نه ٿا ڪن؟ بشريٰ بي بي رت وهائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ آئي آهي، پي ٽي آءِ سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون، اهو واضح ڪري ڇڏڻ چاهيون ٿا ته شرپسندن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گهرو وزير محسن نقوي گذريل ٻن ڏينهن کان فائرنگ ۽ شيلنگ دوران موقعي تي موجود رهيو آهي، هن سموري صورتحال کي پاڻ ليڊ ڪيو ۽ پنهنجي جوانن جو مورال بلند ڪيو. هن چيو ته هتان ڪجهه ميٽر جي فاصلي تي اسان جي دوست ملڪ جو سربراهه آيل آهي جنهن جي سيڪيورٽي رياست جي ذميواري آهي. وفاقي وزير چيو ته پرتشدد احتجاج ۾ غريبن جي ٻارن کي ڍال بڻايو ويو، جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو انهن ۾ مزدور ۽ افغان ٻار به شامل آهن، تخريبڪار شرپسند ۽ افغان شهري پرتشدد احتجاج ۾ ملوث آهن، ڪنهن سياسي پارٽي جو منشور اها اجازت نه ٿو ڏي ته اها افغان شهري کي ميمبرشپ ڏي. اسان جي پارٽي ۾ ميمبرشپ وٺڻ جي لاءِ پهرين شرط اها هوندي آهي ته توهان پاڪستاني شهري هجو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته رياست جي رٽ بحال آهي، شرپسندن جا حملا ناڪام بڻايا ويا ۽ سموري ايريا ڪليئر ڪئي وئي آهي، هاڻي بشريٰ بي بي چئي رهي آهي ته علي امين گنڊاپور ليڊ ڪريو. هن چيو ته انهن جا پنهنجا ٻار ڪٿي آهن، اهي پنهنجي ٻارن کي ڇو نه ٿا گهرائين ته اهي اچي ليڊ ڪن. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون، انهن تي 9 مئي ۽ 190 ملين پائونڊ جا ڪيسز آهن جيڪي عدالتن ۾ هلي رهيا آهن. هي اين آر او ۽ ڊيل گهري رهيا آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته بشريٰ بي بي رت وهائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ آئي آهي، رياست جي صبر کي نه آزمايو، امن امان جي رٽ هر صورت ۾ قائم رکنداسين. هن چيو ته رينجرز ۽ پوليس جا جوان شهيد ٿيا، اسان انهن جو رت ڪنهن جي هٿ تي ڳوليون. هن چيو ته گولي هلائڻ تمام آسان آهي پر رياست پاڪستان صبر جو مظاهرو ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته هي ملڪ ۾ انارڪي ڦهلائڻ چاهين ٿا، ان کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، ڪير رياست کي ڪمزور نه سمجهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ اهي افغان شهري به شامل آهن جيڪي هتي ڦرن جهڙن ڏوهن ۾ ملوث آهن. انهن جا ثبوت موجود آهن، وقت اچڻ تي سامهون آندا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير عطاءُ الله چيو ته ڊي چوڪ تان جيڪي ماڻهو گرفتار ٿيا آهن انهن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، انهن جون ضمانتون نه ٿينديون، وڌيڪ ڪير به ايندو اهو گرفتار ٿيندو، افغان شهري تي باقاعده شقون لڳائي رهيا آهيون ته جيئن اڳتي ڪو غيرملڪي ائين نه ڪري سگهي. وفاقي وزير چيو ته ڪرم ايجنسي ۾ 50 لاش ڪيرايا ويا، ڇا هي انهن جي پونئيرن سان مليا، ڇا انهن جي لاءِ ڪنهن پئڪيج جو اعلان ڪيو يا اتي وڃي اهو چيو ته اسان آر پي او، ڊي آءِ جي کي گهرائي انهن سان ڳالهه ڪريون ٿا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ باهه لڳل آهي، جوانن جا لاش اسان کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ صوبن ۾ امن امان برقرار رکڻ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي. هي رڳو هتي اچي گاڏي تي چڙهي وفاق تي ڀڀڪيون هڻڻ ۽ ناچ گاني ۾ مصروف آهن. وفاقي وزير چيو ته ميڊيا هائوسز تي حملن ۾ ملوث ماڻهن کي سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته غيرقانوني ڪم ڪندڙن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، جيڪو قانون هٿ ۾ کڻندو، ان جي گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي. هن چيو ته پختون اسان جا ڀائر آهن، اسان انهن جي ميڊينٽ جو احترام ڪريون ٿا. وفاقي وزير چيو ته علي امين گنڊاپور بشريٰ بي بي جي جهانسي ۾ نه ايندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج پرامن نه آهي، هي بيلاروس جي صدر جي دوري کي سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿا، گهرو وزير انهن کي سنگجاڻي ۾ جلسي جي آڇ ڪئي هئي. هن چيو ته انهن کي ڊي چوڪ تي ئي احتجاج ڇو ڪرڻو آهي ڇو ته هي پاڪستان جي امن کي سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿا، هي چاهين ٿا ته ماڻهن جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو وڃي جنهن جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي.