ڪراچي-11 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي نمائندي ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر عبدالله حسين هارون چيو آهي ته گڏيل قومن جو ادارو اهم ادارو آهي، جنهن کي موجود رهڻ گهرجي، عالمي سطح تي اهو اڪيلو ادارو آهي، جتي مختلف ملڪ پنهنجا تڪرار ۽ ٻيا مسئلا کڻي وڃن ٿا، هن وقت ٻيو ڪوبه اهڙو ادارو ناهي، جيڪو ان عالمي فورم جي جاءِ والاري سگهي، دنيا جي مختلف ملڪن ۽ ماڻهن جون گڏيل قومن جي اداري مان تمام گهڻيون اميدون لاڳاپيل آهن، جيڪي سڀئي اهو پوريون نٿو ڪري سگهي. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي ”منهنجا تجربا ۽ ملاقاتون“ جي موضوع تي منعقد ڪيل ليڪچر پروگرام ۾ ڳالهائيندي عبدالله حسين هارون گڏيل قومن جي اداري بابت ڳالهائيندي چيو ته گڏيل قومن جو ادارو هڪ اهم ادارو آهي، جنهن کي موجود رهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو عالمي سطح تي اهو اڪيلو ادارو آهي جنهن ۾ مختلف ملڪ پنهنجا تڪرار ۽ ٻيا مسئلا کڻي وڃن ٿا، جڏهن ته هن وقت ٻيو ڪوبه اهڙو ادارو ناهي، جيڪو ان عالمي فورم جي جاءِ والاري سگهي، هن چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۽ ماڻهن جون گڏيل قومن جي اداري مان تمام گهڻيون اميدون لاڳاپيل آهن، جيڪي سڀئي اهو پوريون نٿو ڪري سگهي. ماحولياتي تبديليءَ جي پسمنظر ۾ ڪراچي شهر جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت ڪراچي هڪ وڏي آبادي وارو شهر آهي، جنهن ۾ سنگين ماحولياتي مسئلا سامهون اچي رهيا آهن. ڪراچي جي شهرين جو هڪ وڏو تعداد ماحولياتي گدلاڻ سبب بيمارين جو شڪار آهي. شهر ۾ هوا، پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ سبب خوفناڪ بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن. هن چيو ته گذريل هڪ سئو سالن کان سمنڊ ۾ ڪراچي شهر جو ڪچرو وڃي رهيو آهي، جنهن سان به ماحولياتي آلودگيءَ ۾ واڌ ٿي آهي. هن چيو ته ماحوليات بابت ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ لاڳاپيل ادارن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سنڌ مدرسته الاسلام جي حوالي سان ڳالهائيندي عبدالله حسين هارون چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام هڪ وڏ تاريخي پسمنظر رکندڙ ادارو آهي، جتان قائد اعظم محمد علي جناح ۽ سندس ڏاڏي سرعبدالله هارون سميت اهم شخصيتن تعليم حاصل ڪئي ۽ هِتي اچي خوشي محسوس ٿئي ٿي. هن چيو ته ترقيءَ جي لاءِ تعليم تمام گهڻي ضروري آهي، جنهن تي ڌياڻ گهرجي. سر عبدالله هارون جي ڪردار تي ڳالهائيندي هن چيو ته سندس ڏاڏي قائد اعظم محمد علي جناح سان گڏجي پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو قائد اعظم محمد علي جناح جو ويجهو ساٿي هو.

عبدالله حسين هارون چيو ته هارون خاندان جو پارلياماني سياست ۾ پڻ اهم ڪردار رهيو آهي، خاص طور تي سر عبدالله هارون، يوسف هارون ۽ هن جو پنهنجو ڪردار ڳڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته يوسف هارون جي وڏ وزارت دوران 1950ع ۾ سنڌ ۾ اڌ بٽئي وارو قانون- ٽيننسي ايڪٽ منظور ٿيو هو. ان طرح هن پاڻ گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان جي اهم معاملن کي اٿاريو هو. ان موقعي تي سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ سنڌ مدرسي سان هارون خاندان جي تعلق بابت چيو ته سر عبدالله هارون سنڌ مدرسي مان پڙهيو هو، ۽ هو پنهنجي دور ۾ سنڌ مدرسي ۽ ان جي شاگردن جي مدد ڪندو رهندو هو. ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته هارون خاندان جون پاڪستان جي لاءِ به اڻ ڳڻيون خدمتون آهن. چيو ته عبدالله حسين هارون هڪ ڊگهي عرصي کان پاڪستان ۾ سماجي ۽ ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ سرگرم رهيو آهي. هن هارون چيريٽيبل فائونڊيشن سان گڏ مختلف خيراتي ادارن سان گڏجي صحت، تعليم ۽ ڪميونٽي جي خدمت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته عبدالله حسين هارون جو اهم ڪم اهو به آهي ته هن پٺتي پيل طبقن جي ترقي، تعليم ۽ صحت جي لاءِ وسيلا فراهم ڪرڻ تي به ڌيان ڏنو آهي، ۽ ٻهراڙين ۾ گهٽ آمدنيءَ وارن خاندانن جي ٻارن کي پڻ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي، ان موقعي تي سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر يونيورسٽي اچڻ ۽ شاگردن کي خطاب ڪرڻ تي عبدالله حسين هارون جا ٿورا مڃيندي کيس شيلڊ ڏني. تقريب ۾ يونيورسٽي جي ڊينس، چيئرپرسنس، مختلف انتظامي شعبن جي سربراهن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.