اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تشدد ۽ انتشار جي سياست پي ٽي آءِ جي تاريخ رهي آهي، تحريڪ انتشار سنگجاڻي ٽول پلازه تي قيدين جي گاڏين تي منصوبابندي سان حملو ڪيو، پي ٽي آءِ ايم پي اي جي پٽ سميت چار حملي آورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻه گاڏيون ۽ هٿيار قبضي ۾ ورتا ويا آهن، سمورا فرار ٿيندڙ قيدي پوليس جي تحويل ۾ آهن، واقعي ۾ چار پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، پوليس سموري صورتحال جو انتهائي دليري سان مقابلو ڪيو، رياست جي رٽ هر صورت ۾ قائم ڪئي ويندي، حملي آورن کي قانون موجب سخت ترين سزا ڏني ويندي. سنگجاڻي ٽول پلازه وٽ قيدي وينن تي حملن جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ سنگجاڻي ٽول پلازه وٽ تحريڪ انتشار جي ڪارڪنن قيدين جي گاڏين تي حملو ڪيو ۽ گرفتار جوابدار جن کي اٽڪ جيل منتقل ڪيو پئي ويو، کي فرار ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. هن چيو ته تحريڪ انصاف سوچيل سمجهيل منصوبي تحت پوليس وينز تي حملو ڪيو، چار حملي آورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن ۾ پي ٽي آءِ جي خيبرپختونخواهه مان صوبائي اسيمبلي ميمبر لياقت جو پٽ پڻ شامل آهي، ان کانسواءِ ٻه گاڏيون ۽ هٿيار به قبضي ۾ ورتا ويا، جوابدارن پوليس تي فائرنگ پڻ ڪئي ۽ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت پوري ڪوشش ڪئي ته جوابدارن کي فرار ڪرائي سگهجي. هن چيو ته تشدد جي سياست پي ٽي آءِ جي تاريخ رهي آهي، انهن 9 مئي تي شهيدن جي يادگارن کي مسمار ڪيو، پنهنجي ڌرڻي ۾ پي ٽي وي تي حملو ڪيو، پارليامينٽ جو گيٽ ٽوڙيو، قبرون کوٽيون. هن چيو ته سنگجاڻي ٽول پلازه تي جڏهن قيدين جي گاڏين جي رفتار آهستي ٿي ته پي ٽي آءِ جي چار گاڏين ۾ سوار هٿياربند ڪارڪنن انهن گاڏين تي حملو ڪري ڇڏيو ۽ سمورن 82 ڏوهارين کي فرار ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، 19 قيدي فرار ٿيا هئا جن کي ٻيهر حراست ۾ ورتو ويو، 82 ڏوهاري پوليس جي تحويل ۾ آهن. هن چيو ته ان حملي ۾ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن، پوليس بهادري ۽ دليري سان ان منصوبي کي ناڪام بڻايو آهي. وفاقي وزير چيو ته جوابدارن جي خلاف سخت ترين قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي ويندي، گرفتاريون پڻ عمل ۾ آنديون وينديون ۽ هڪ مثال قائم ڪيو ويندو ته اڳتي ڪير ڪنهن قيدي کي فرار ڪرائڻ جي ڪوشش نه ڪري سگهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف پاران هڪ کل جوڳو ردعمل سامهون آيو آهي جيڪو ڪنهن فلم جو اسڪرپٽ لڳي ٿو. هن چيو ته ٽول پلازه جي سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آهي، ڪوڙ، مڪر ۽ فريب کانسواءِ انهن جو ڪو ڪم نه آهي، گينگسٽر ۽ ڪرمنل گينگز جهڙن عادي ڏوهارين وانگر انهن قيدين جي گاڏين تي حملو ڪري ڏوهارين کي فرار ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. ان واقعي ۾ ايم پي اي جو پٽ به ملوث آهي جنهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٻين جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، حملي ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏين جو باقاعده تعاقب ڪيو پيو وڃي، انهن گاڏين ۾ سوار جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته قيدين جي گاڏين تي حملي جي منصوباسازن جي خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي، رياست جي رٽ هر صورت ۾ قائم ڪئي ويندي، ڪنهن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مهذب معاشرن جي اندر اهڙن جوابدارن کي سزائون ڏنيون وينديون آهن، جيڪڏهن 9 مئي جي جوابدارن کي سزا ملي وئي هجي ها ته انهن جي اهڙا حملا ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي ها. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنگجاڻي ٽول پلازه واقعي ۾ ملوث چار جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، انهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، 25 کان 30 ماڻهن حملو ڪيو، انهن کي به حراست ۾ ورتو ويندو ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته جن قيدين کي فرار ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي اهي سمورا پوليس جي تحويل ۾ آهن. اسان وٽ سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ثبوت موجود آهن، انهن جوابدارن کي سخت سزا ڏني ويندي. وفاقي وزير چيو ته رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيندو ۽ مثال قائم ڪيو ويندو ته اڳتي ڪو جوابدار قيدين جي گاڏين تي حملي جو سوچي به نه سگهي.