اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ پوليو جي وڌندڙ ڪيسز تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پوليو جي خاتمي جي حوالي سان هنگامي بنيادن تي جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ۽ تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي جڏهن ته وفاقي ڪابينا گهريلو تشدد جي روڪٿام جي بل کي ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي کي موڪلڻ ۽ فارميسي ڪائونسل آف پاڪستان جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم 26هين آئيني ترميم جي حوالي سان سياسي پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن جا ٿورا مڃيندي چيو ته عدالتي سڌارن ۽ انصاف جي نظام جي بهتري جي حوالي سان هي ترميم لازمي هئي، اها ترميم 2006ع جي ميثاق جمهوريت جي تڪميل آهي. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي ٿورا مڃيندي لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن ملڪ ۾ پوليو جي وڌندڙ ڪيسز تي ڳڻتي جو اظهار پڻ ڪيو ۽ ان حوالي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي. هن پوليو جي خاتمي جي حوالي سان هنگامي بنيادن تي جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي پوليو جي خاتمي جي حوالي سان اجلاس پڻ طلب ڪري ورتو. اجلاس دوران وفاقي ڪابينا انساني حقن واري وزارت جي سفارش تي گهريلو تشدد جي روڪٿام جي بل ڊوميسٽڪ وائلينس (پريوينشن اينڊ پروٽيڪشن) بل 2024ع کي ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي کي موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، بل اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ لاڳو هوندو. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته اهو بل گهريلو تشدد جي روڪٿام جي لاءِ انسٽيٽيوشنل فريم ورڪ فراهم ڪندو. ڪابينا کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گهريلو تشدد جي روڪٿام تي قانونسازي جي ذريعي نه رڳو گهريلو تشدد جي روڪٿام ۾ مدد ملندي پر گهريلو تشدد جو شڪار ٿيندڙن کي ريليف پڻ فراهم ڪري سگهبو ۽ گهريلو تشدد جي مرتڪب ٿيندڙن کي سزا ڏيارڻ ۾ پڻ مدد ملندي. وفاقي ڪابينا تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت جي سفارش تي نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي بورڊ آف مئنيجمينٽ ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) معظم اعجاز، انجنيئر فهيم اقبال ۽ عاصم شهريار حسين جي بطور پرائيويٽ ميمبر مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي ڪليمز فار مينٽي نينس (ريڪوري ايبراڊ) آرڊيننس 1959ع تحت قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت کي درخواستون وصول ڪرڻ جي حوالي سان ٽرانسمٽنگ اينڊ ريسيونگ ايجنسي مقرر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس دوران ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان حڪومت 1959ع ۾ ڪنوينشن آن دي ريڪوري ايبراڊ 1956ع ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي ۽ ان حوالي سان ڪليمز فار مينٽي نينس (ريڪوري ايبراڊ) آرڊيننس 1959ع ۾ جاري ڪيو ويو هو. ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي نيشنل ڪائونسل فار طب جي ايگزامننگ باڊي جي چيئرپرسن ۽ ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڊاڪٽر شافيه ارشد کي نيشنل ڪائونسل فار طب جي ايگزامننگ باڊي جي چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته باڊي جي ميمبرن ۾ ڊاڪٽر رضوان آصف، محمد خورشيد عالم، اڪرام الله، معين الدين ۽ ڊاڪٽر عطاءُ الله شامل آهن. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي فارميسي ڪائونسل آف پاڪستان جي نئين سر جوڙجڪ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.