اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان 26هين آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري جو مدو ٽي سال هوندو، 12 رڪني پارلياماني ڪميٽي 3 سينيئر ترين ججز جي پينل مان نئين چيف جسٽس جو نالو وزيراعظم کي پيش ڪندي، سپريم ڪورٽ جي ججز جي مقرري جي لاءِ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جوڙي ويندي جنهن ۾ چيف جسٽس سميت چار سينيئر ترين ججز ۽ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان ٻه ٻه ميمبر پڻ شامل هوندا جڏهن ته ملڪ مان پهرين جنوري 2028ع تائين وياج واري ڪاروبار جو خاتمو ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ رٿ پيش ڪئي ته دستور 26هين ترميم بل 2024ع سينيٽ مان منظور ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي. اسپيڪر سردار اياز صادق ايوان مان رٿ جي منظوري ورتي، رٿ جي حق ۾ 225 ۽ مخالفت ۾ 12 ووٽ آيا. جنهن کانپوءِ اعظم نذير تارڙ بل ايوان ۾ پيش ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايوان مان بل جي ميمبرن جي ووٽ جي ذريعي شقوار منظوري ورتي. قانون واري وفاقي وزير ايوان ۾ بل منظوري جي لاءِ پيش ڪيو. اسپيڪر ڊويزن جي تفصيلن کان ميمبرن کي آگاهه ڪيو. 5 منٽن جي لاءِ بيلز وڄايون ويون. ميمبرن جي ووٽ جي لاءِ ٻه مختلف گيلريون مقرر ڪيون ويون هيون. ايوان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڊويزن جي بنياد تي 26هين آئيني ترميم بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. بل جي منظوري جي رٿ جي حق ۾ 225 ۽ مخالفت ۾ ڪل 12 ووٽ پيا. 26هين آئيني ترميم جو بل 27 ترميمن تي ٻڌل آهي. حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين کانسواءِ مخالف ڌر ۾ شامل پارٽي جمعيت علماءِ اسلام (ف) پڻ آئيني ترميم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو. قومي اسيمبلي مان منظور ڪيل 26هين آئيني ترميم جي بل 2024ع جي آرٽيڪل 175 اي ۾ ترميم ڪئي وئي آهي جنهن موجب سپريم ڪورٽ جي ججن جي مقرري جي لاءِ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جوڙيو ويندو جنهن ۾ ٽي سينيئر ترين جج آئيني بئنچز جا پرزائيڊنگ جج ان جا ميمبر هوندا، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير، اٽارني جنرل پاڪستان، سپريم ڪورٽ ۾ 15 سالا تجربو رکندڙ پاڪستان بار ڪائونسل پاران نامزد ڪيل وڪيل (2 سالن جي لاءِ)، عورت يا غيرمسلم جيڪو پارليامينٽ ميمبر نه هجي ۽ اهو سينيٽ ۾ ٽيڪنوڪريٽ جي طور تي چونڊجڻ جي اهليت رکندو هجي ان کي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر 2 سالن جي لاءِ نامزد ڪندو. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان قائد ايوان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ هڪ هڪ ميمبر نامزد ڪندا، جيڪڏهن اُن وقت قومي اسيمبلي وجود ۾ نه آهي ته پوءِ اهي ميمبر سينيٽ مان ورتا ويندا، اها جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان آئيني بئنچ جي مقرري پڻ ڪندي، ججز جي مقرري سان گڏوگڏ انهن جي ڪارڪردگي جي جانچ پڙتال جي لاءِ هڪ جهڙو معيار جوڙيو ويندو، جيڪڏهن ڪنهن جج جي ڪارڪردگي يا صلاحيت جي حوالي سان مسئلا ٿيا ته اها جوڊيشل ڪميشن سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي رپورٽ ڪندي. آئيني ترميم موجب چيف جسٽس جي مقرري جو مدو 3 سالن جي لاءِ هوندو، چيف جسٽس جي لاءِ عمر جي حد 65 سال هوندي جڏهن ته چيف جسٽس جيڪڏهن ان عمر کان اڳ 3 سال جو عرصو مڪمل ڪري وٺي ٿو ته هو ان کانپوءِ عهدو ڇڏي ڏيندو. چيف جسٽس جي مقرري جي لاءِ 3 سينيئر ترين ججن مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان پارلياماني ڪميٽي ڪو هڪ نالو وزيراعظم کي موڪليندي جيڪو چيف جسٽس جي مقرري جي لاءِ نالو صدر کي موڪليندو. اها پارلياماني ڪميٽي 12 ميمبرن تي ٻڌل هوندي جن ۾ متناسب نمائندگي جي بنياد تي ميمبرن جي نامزدگي پارلياماني ليڊر ڪندا. ان پارلياماني ڪميٽي ۾ 8 قومي اسيمبلي ميمبر جڏهن ته 4 سينيٽ مان کنيا ويندا. اها ڪميٽي چيف جسٽس جي رٽائرمينٽ کان 14 ڏينهن اڳ نئين چيف جسٽس جي نامزدگي تجويز ڪندي جڏهن ته 26 هين آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ چيف جسٽس جي رٽائرمينٽ کان 3 ڏينهن اڳ اها نامزدگي تجويز ڪئي ويندي. ان ڪميٽي جو اجلاس ان ڪئميره هوندو، ان جي ڪارروائي تي آرٽيڪل 68 لاڳو نه هوندو. آئين جي آرٽيڪل 191 کانپوءِ نئون آرٽيڪل 191 اي شامل ڪيو ويو آهي جنهن موجب سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ جوڙي سگهبي جيڪا سپريم ڪورٽ جي ججز تي ٻڌل هوندي، جن ۾ هر صوبي مان برابر نمائندگي هوندي، ان مان سينيئر ترين جج آئيني بئنچن جو پرزائيڊنگ جج هوندو. آرٽيڪل 185 جي شق 3 تحت بئنچ ۾ ميمبرن جو انگ 5 کان گهٽ نه هوندو، آرٽيڪل 193 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي جنهن تحت هاءِ ڪورٽ جو جج بڻجڻ جي لاءِ عمر جي حد 45 سال کان گهٽ ڪري 40 سال ڪئي وئي آهي ۽ بطور وڪيل هاءِ ڪورٽ ۾ 10 سال جو تجربو رکندڙ هجڻ به لازمي هوندو. اهڙي طرح آرٽيڪل 202 کانپوءِ 202 اي جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن تحت هاءِ ڪورٽ ۾ به آئيني معاملا اڪلائڻ، آئين جي تشريح بابت ڪيس اڪلائڻ جي لاءِ آئيني بئنچ ٺاهي سگهبي جنهن جو سربراهه نامزد ججن مان سينيئر ترين جج هوندو. آئين جي آرٽيڪل 209 ۾ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي جوڙجڪ جي حوالي سان چيو ويو آهي ته اها ڪائونسل چيف جسٽس آف پاڪستان 2 سينيئر ترين سپريم ڪورٽ ۽ 2 سينيئر ترين هاءِ ڪورٽ جي ججز تي ٻڌل هوندي. جيڪڏهن ڪنهن هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس آئيني بئنچ جو سربراهه ٿيو ته ٻيو سينيئر ترين جج ڪميشن جو ميمبر هوندو. ان کانسواءِ آئيني ترميم ۾ آرٽيڪل 9 اي جو اصافو ڪيو ويو آهي جنهن تحت ڪنهن به شخص کي صاف ۽ صحتمند ماحول جي فراهمي ان جو حق هوندو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل، وفاقي شرعي عدالت ۽ وياج جي خاتمي سميت 5 ترميمون به آئيني ترميم جو حصو بڻايون ويون آهن. آرٽيڪل 184 تحت پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار آئيني بئنچز وٽ هوندو. آرٽيڪل 186 اي تحت سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جو ڪو به ڪيس ڪنهن هڪ هاءِ ڪورٽ کان ڪنهن ٻي هاءِ ڪورٽ منتقل ڪري سگهندي. هڪ ٻي ترميم تحت وزيراعظم يا ڪابينا پاران صدر ڏانهن موڪليل ايڊوائيز تي ڪا عدالت، ٽربيونل يا اٿارٽي سوال نه اٿاري سگهندي. وياج جي مڪمل خاتمي جي حوالي سان آرٽيڪل 38 ۾ شق ايف ۾ ترميم ڪئي وئي آهي جنهن موجب پهرين جنوري 2028ع تائين جنهن حد تائين ممڪن ٿيو، ملڪ مان وياج جو خاتمو ڪيو ويندو.