اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سياسي اختلافن کي کي ذاتي دشمني ۾ بدلڻ جي روايت باني چيئرمين پي ٽي آءِ وڌي، پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ انتقامي سياست جون سموريون حدون پار ڪيون، عدم برداشت انهن جو شيوو بڻجي چڪو آهي، سچ ٻڌڻ جي همت رکڻ گهرجي، هي ملڪ آهي ته سياست آهي، ڪا سياسي پارٽي يا ليڊر هن ملڪ کان وڏو نه آهي، نواز شريف سدائين ملڪ ۾ رواداري جي سياست کي فروغ ڏنو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر رول آف لاء جي ڳالهه ڪئي آهي پر انهن ۾ جواب ٻڌڻ جي همت ۽ حوصلو نه آهي، عدم برداشت انهن جي منشور جو حصو آهي. هن چيو ته اسان هن ملڪ ۾ سياسي روايتن جا امين آهيون، هن ملڪ جون سياسي روايتون صاف شفاف درياءَ وانگر هيون جنهن کي انهن ماڻهن منظم مهم جي ذريعي زهريلو بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته اڄ هتي برداشت، سياسي روايتن ۽ رواداري جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي پر انهن جي تقرير ۾ ڪڏهن به فلسطين ۾ اسرائيل جي ظلمن جو ذڪر نه ٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته انهن کي فلسطين تي منعقد ٿيندڙ اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي، اي پي سي ۾ سموريون سياسي پارٽيون شريڪ هيون پر انهن شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته فلسطين تي ڳالهه ڪرڻ انهن جي منشور جو حصو نه آهي. وفاقي وزير چيو ته هي زيڪ گولڊ سمٿ جي مهم هلائي سگهن ٿا ۽ ان کي ساراهي سگهن ٿا. انهن جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان آرمي چيف، ادارن، سياسي ليڊرن جي خلاف ٽوئيٽ ٿي سگهن ٿا پر ڪو هڪ ٽوئيٽ زيڪ گولڊ سمٿ جي خلاف ڏيکاري ڇڏين جنهن سڌوسنئون اسرائيل جي حمايت ۽ فلسطينين جي خلاف ٽوئيٽ ڪيا ۽ فلسطينين کي تباهه ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ايس سي او سربراهه ڪانفرنس کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇا اها انهن جي روايت آهي؟ هي 9 مئي تي حملو ڪري شهيدن جي يادگارن کي مسمار ڪن ٿا، ڪڏهن آءِ ايم ايف کي خط لکي ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ جڏهن فلسطين تي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ انهن کي گهرايو وڃي ته هي اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته جڏهن پاڪستان جي تشخص ۽ عزت جي ڳالهه اچي ٿي ته هي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏين ٿا ۽ پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا، انهن ايس سي او کي نقصان پهچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان ايس سي او کي ڪاميابي سان همڪنار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پيپلزپارٽي ۽ اسان جي وچ ۾ سياسي مخالفت جي هڪ تاريخ رهي آهي پر اسان کي فخر آهي ته ان مخالفت جي اندر سياسي دشمني نه هئي. هن چيو ته جڏهن بينظير ڀٽو شهيد ٿي ته سڀ کان اڳ محمد نواز شريف اسپتال پهتو، اسان هڪ ٻئي جي خوشي غمي ۾ شرڪت پنهنجو فرض سمجهندا هئاسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙو ليڊر به آيو جنهن چيو هو ته انهن جي تقريبن ۾ ڪير نه وڃي، انهن سان هٿ ڪير نه ملائي، انهن جي خوشي غمي ۾ شرڪت نه ڪئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ سياسي مخالفت کي سياسي دشمني ۾ بدلايو، اڄ هي لِمٽ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، اسان جي شرافت ۽ رواداري کي سدائين انهن اسان جي ڪمزوري سمجهيو. هن چيو ته 2013ع جي چونڊن ۾ باني چيئرمين پي ٽي آءِ جڏهن ڪِرين تان ڪري زخمي ٿيو ته محمد نواز شريف پنهنجي چونڊ مهم ان جي لاءِ معطل ڪري ڇڏي هئي ته سندس سياسي مخالف زخمي ٿي پيو هو. نواز شريف پوري پارٽي کي وٺي شوڪت خانم اسپتال ۾ باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي تيمارداري جي لاءِ ويو ۽ جڏهن چونڊون ختم ٿيون ته دوستي جو هٿ وڌائڻ بني گالا ويو ۽ چيو ته چونڊون ختم ٿي ويون آهن، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ جي معيشت ۽ عوام جي بهتري ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون ۽ هن ملڪ کي اڳتي وڌايون پر ان کي اسان جي ڪمزوري سمجهيو ويو. هن چيو ته جيڪو ليڊر چاهيندو هو ته هن ملڪ ۾ سياسي روايتون قائم رهن ۽ سياستدان پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪن ۽ گڏجي هن ملڪ کي اڳتي وٺي هلن، ان ليڊر سان اهو سلوڪ ڪيو ويو ته ان جي گهرواريءَ بيماري جي بستري تي هئي ۽ ان کي فون ڪال تائين ڪرڻ جي اجازت نه هئي. هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ ماڻهن جي ڀينرن ڌيئرن کي عدالتن ۾ گهيلڻ جي روايت وڌي، فريال ٽالپر کي چنڊ رات تي اسپتال کان جيل موڪليو ويو، مريم نواز شريف کي سندس والد آڏو ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. شهباز شريف جي پٽن جي گهرن جو گهيراءُ ڪيو ويو، عليم خان ۽ جهانگير ترين جي خاندانن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، راڻا ثناءُ الله تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته انهن سياسي انتقام ۾ سموريون حدون پار ڪيون، آئين ۽ قانون کي پائمال ڪندي اسيمبليون تحليل ڪيون ۽ اڄ اهي مظلوميت جو داستان ٻڌائي رهيا آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ انهن پنهنجي ميمبرن کي پاڻ اغوا ڪري بند ڪري رکيو آهي ۽ هتي مظلوميت جو پرچار ڪري رهيا آهن، اڄ هتي جيڪي خالي بئنچون نظر اچي رهيون آهن ڇا اهي پوليس يا رينجرز خالي ڪرايون آهن؟ هن چيو ته ڪالهه انهن هڪ ڌمڪي آميز پيغام ڏنو ته جيڪڏهن ڪير اسان جي ليڊر سان غداري ڪندو ته اسان ان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته رياست جي رٽ قائم ڪئي وڃي. هن چيو ته انهن سدائين اسان جي شرافت کي اسان جي ڪمزوري سمجهيو آهي، 2018ع کان 2022ع تائين ڪارو ترين دور هو، ان وقت انهن جو پنهنجو طرزعمل ڇا هو؟ اهي ڀينرن ڌيئرن سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا هئا، انتقامي سياست ۾ اهي آخري حد تائين ويا جنهن جو پاڪستان جي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. انهن پاڪستان کي عالمي اڪيلائپ جو شڪار ڪيو، اولهه ۽ اڀر کي ناراض ڪيو، اڄ انهن جي پيٽ ۾ وَٽ پئجي رهيا آهن ته پاڪستان ۾ 12 وزيراعظم آيا، پاڪستان جي خطي ۾ ڪردار کي تسليم ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جي عالمي اڪيلائپ ختم ٿي وئي آهي جيڪا انهن کان هضم نه ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته انهن جي دور ۾ بدترين سياسي انتقام جي هوندي انهن ئي بئنچن تي شهباز شريف بيهي ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪئي هئي پر تڏهن انهن جي اندر اناءُ ۽ تڪبر هو. هن چيو ته اڄ پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي، 8.8 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان آيو آهي، مهانگائي 6.9 سيڪڙو تي هڪ انگ تي اچي وئي آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌيا آهن، روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، آءِ ٽي ايڪسپورٽس 3.2 ارب تائين پهچي وئي آهي ۽ پاڪستان جي اها ترقي انهن کان هضم نه ٿي رهي آهي. ڪجهه عنصر چوندا هئا ته خان نه ته پاڪستان نه، پاڪستان کان ڪا سياسي پارٽي ۽ ليڊر وڏو نه آهي، جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته ڪو سياسي ليڊر پاڪستان کان وڏو آهي ته ان کي ڪو حق نه آهي ته هو پاڪستان ۾ سياست ڪري. هن چيو ته هي ملڪ آهي ته سياست آهي، هي ملڪ آهي ته وزارتون آهن. هن چيو ته ايس سي او جي ڪامياب انعقاد تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان جو عالمي سطح تي تشخص بحال ٿيو آهي، ان سان اسان جي معيشت به بهتر ٿيندي.