ڪانپور – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ناليواري مڊل آرڊر بيٽسمين مومن الحق ڀارت خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيسٽ ڪيريئر جي 13 هين سينچري ٺاهي ورتي آهي. گرين پارڪ، ڪانپور ۾ کيڏيل 2 ميچن جي سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش جي ناليواري بيٽسمين مومن الحق پهرين اننگز ۾ ڀارتي بالنگ جو مقابلو ڪندي پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي 13هين سينچري ٺاهي ورتي. 33 ورهين جي مومن الحق 194 بالن کي کيڏندي هڪ ڇڪي ۽ 17 چوڪن جي مدد سان انفرادي ناقابل شڪست 107 رنسون ٺاهيون. اها مومن الحق جي ٽيسٽ ڪيريئر جي 13هين سينچري آهي.