ملتان – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جي 3 ميچن جي ٽيسٽ سيريز جون پهريون 2 ميچون 7 کان 19 آڪٽوبر تائين ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون، جڏهن ته ٽئين ٽيسٽ ميچ 24 کان 28 آڪٽوبر تائين راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين آڪٽوبر ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 2 آڪٽوبر تي ملتان پهچندي. ان سلسلي ۾ انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، ٽيمن جي اسٽيڊيم آمد ۽ رفت جي حوالي سان ضلعي انتظاميه ٽريفڪ پلان جوڙي ورتو آهي. شهرين کي ان موقعي تي مشڪلا کان بچڻ لاءِ متبادل رستن جو نظام به جوڙيو ويو آهي. ٽيمن جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس جي اضافي جٿا به ملتان گهرايا ويا آهن.