اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا سمورن سرڪاري ادارن کي پنهنجي لاڳاپيل درآمدات جي 50 سيڪڙو حصي کي گوادر جي بندرگاهه جي ذريعي اندرون ملڪ پهچ ڏيڻ جي هدايت ڪندي ان بندرگاهه تان برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي يادگاري ٽپال ٽڪلي جاري ڪرڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن ۽ ڪورنگي فش هاربر اٿارٽي ڪراچي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا مواصلات واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي يادگاري ٽپال ٽڪلي جاري ڪرڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا کي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران کنڊ جي برآمد جي حوالي سان قائم ڪيل ڪابينا ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته کنڊ جي برآمد جي حوالي سان ڪابينا جي هڪ بهتري فيصلي جي ڪري نه رڳو ملڪ کي قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيو پر کنڊ جون قيمتون به ڪنٽرول ۾ رهيون ۽ ڪمند جي آبادگارن کي پڻ انهن جي محنت جو صلو مليو. وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي سمورن سرڪاري ادارن کي پنهنجي لاڳاپيل درآمدات جهڙوڪ ڪڻڪ، کنڊ، ڀاڻ جي 50 سيڪڙو حصي کي گوادر جي بندرگاهه جي ذريعي اندرون ملڪ پهچ ڏيڻ جي هدايت جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان کان اڳ وزيراعظم بلوچستان صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ گوادر جي بندرگاهه جي آپريشنز کي وڌائڻ جي حوالي سان اهي هدايتون جاري ڪيون هيون ته پبلڪ سيڪٽر جي درآمدات جو 50 سيڪڙو حصو گوادر پورٽ جي ذريعي اندرون ملڪ آندو وڃي. ڪابينا هدايت ڪئي ته مستقبل ۾ گوادر پورٽ تان برآمدات جي شرح پڻ وڌائي وڃي. ان حوالي سان ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو جيڪا گوادر پورٽ تان درآمدات ۽ برآمدات جي ٽه ماهي رپورٽ ڪابينا کي پيش ڪندي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي ڪورنگي فش هاربر اٿارٽي ڪراچي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا هدايت ڪئي ته اهڙي طرح جي حڪومتي بورڊز ۾ سمورن صوبن کي نمائندگي ڏني وڃي. ڪابينا وڌيڪ هدايت ڪئي ته جن سرڪاري ملڪيتي ڪارپوريشنز جا بورڊز مڪمل نه آهن انهن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان محمد يعقوب جي بطور فيڊرل انسپيڪٽر ڊرگ بلوچستان مقرري جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا منصوبابندي واري وزارت جي سفارش تي پلاننگ ڪميشن ميمبرن جي اوپن مارڪيٽ مان مقرري جي حوالي سان 30 آڪٽوبر 2013ع جي ڪابينا قرارداد ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان ترميم تحت پلاننگ ڪميشن جي ميمبرن جي پگهار مئنيجمينٽ پي اسڪيل بدران اسپيشل پروفيشنل پي اسڪيل – II (ايس پي پي ايس – II) ۾ مقرر ڪئي ويندي. وڌيڪ اهو ته پلاننگ ڪميشن جي چيف اڪانومسٽ جنهن جي مقرري اوپن مارڪيٽ مان ڪئي ويندي، جي پگهار اسپيشل پروفيشنل پي اسڪيل – I (ايس پي پي ايس – I) ۾ مقرر ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. وفاقي ڪابينا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪمن جي روشني ۾ روينيو ڊويزن جي سفارش تي انسپيڪٽر ان لينڊ روينيو (بي ايس 16) جي آسامين جي لاءِ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن کي ڊپارٽمينٽل پروموشن امتحان منعقد ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 29 آگسٽ 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا حڪومتي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 2 سيپٽمبر 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.