ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران چانور جو روانگي واپار 4 ارب ڊالرن تائين پهچڻ وڏي ڪاميابي آهي، ان ڪاميابي ۾ رائيس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جو وڏو اهم ڪردار آهي، جنهن آبادگار، واپارين ۽ روانگي واپار ڪندڙن وچ ۾ هڪ مضبوط بنياد رکي ڇڏيو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ رائيس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي ايڪسپورٽ ايوارڊز تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ رائيس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين چيلارام ڪيولاڻي، ايڪسپورٽ ريڪوگنيشن ڪاميٽي جي ڪنوينر عبدالرحيم، سينيئر وائيس چيئرمين حسيب علي خان، وائيس چيئرمين حبيب الرحمان سوڌو ٻيا به موجود هئا. گورنر وڌيڪ چيو ته ايسوسيئيشن قائم ٿيڻ کي 25 سال مڪمل ٿيڻ تي واڌايون ڏيان ٿو. ان ڏس ۾ چانور ايڪسپورٽرز کي همٿائڻ لاءِ ساليانو ايڪسپورٽ ايوارڊز واکاڻ جوڳو قدم آهي ۽ ايڪسپورٽ ايوارڊ وصول ڪندڙن کي واڌايون ڏيان ٿو. هن چيو ته معاشي ترقي ۽ مٽاسٽا واري ناڻي ۾ اضافي لاءِ ايسوسيئيشن جو ڪردار نهايت لاڀائتو ثابت ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ايسوسيئيشن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪامرس واري وزارت ۽ چانورن جي شعبي کي صنعت جو درجو ڏيارڻ لاءِ وزيراعظم سان ڳالهائيندس. گورنر ايسوسيئيشن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ گورنر هائوس ۾ سيل ٺاهڻ جو جو اعلان به ڪيو. هن چيو ته عبدالرحيم جي خدمتن تي کيس ستاره امتياز ڏيڻ جي سفارش به ڪندس. تقريب ۾ گورنر نمايان ڪارڪردگي تي ايوارڊز ورهايا ۽ ايسوسيئيشن جا 25 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪيڪ به ڪاٽيو.