ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڏ جي وڏي وزير چيو آهي ته پاڪ فوج مادر وطن جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، اسان پنھنجي فوج سان گڏ آھيون. پاڪستان انتھائي نازڪ دور مان گذري رھيو آھي، جنھن تي اسان کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آھي. اهڙو اظهار هن پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعليٰ ھائوس مان جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته اسان پنھنجن شھيدن کي سدائين ياد رکندا آھيون، اسان زندھ قوم آھيون ۽ پاڪستان ھميشه قائم رھندو. يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي فوج جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي وڏي وزير چيو ته 6 سيپٽيمبر 1965ع واري ڏينھن اسان جي فوج نه رڳو بھادريءَ سان دشمن جو مقابلو ڪيو ۽ کيس پوئتي ڌڪي ڇڏيو، اسان ان ڏينھن کي وڏي عقيدت ۽ جوش سان ملھائيندا آھيون. سيد مراد علي شاھ چيو ته پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ناقابل تسخير آھي۔ 6 سيپٽمبر 1965ع واري ڏھاڙي دشمن جو اوچتو حملو سندس خواريءَ جو ڪارڻ بڻيو. محمد محمود عالم ھڪ منٽ ۾ دشمن جا 5 جنگي جھاز تباھ ڪري ڇڏيا. ھن وڌيڪ چيو ته ان ڏھاڙي اسان جي بھادر جوانن ملڪ جي حفاظت سان گڏ لکين محب وطن ماڻھن جون زندگيون محفوظ ڪيون، اھو ڏينھن ثابت ڪري ٿو ته اسان ھڪ زندھ قوم آھيون ۽ اسان پنھنجن شھيدن کي سدائين ياد رکندا آھيون. وڏي وزير چيو ته پاڪستان سدائين قائم ۽ دائم رھندو.