ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو آهي ته اسان فوج جي ڪري محفوظ آهيون، ڪجهه عناصر ملڪ ۽ پاڪستان جي فوج جي خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن، اهي ملڪ جا دشمن آهن، انهن کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي، اهڙا عنصر پاڪستاني ٿي نٿا سگهن، ملڪ جي ڪجهه ڀٽڪي ويل نوجوانن غلط رستو اختيار ڪيو آهي، انهن کي صحيح رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، انتهاپسند ۽ اندروني ۽ بيروني عناصر روزاني جي بنياد تي ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، فوج انهن کي شڪست ڏئي رهي آهي، اسان کي فوج سان گڏ بيهڻ گهرجي. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ دفاع جي ڏهاڙي جي حوالي ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ پاران منعقد ڪيل سان تقريب کي خطاب ڪندي يونيورسٽي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته 1965ع جي جنگ دوران اسان جي فوجي جوانن وڏي همت ۽ بهادري سان ملڪ جو دفاع ڪيو ۽ اُن وقت هر پاڪستاني، ٻارن کان وٺي بزرگن تائين، عظيم قومي جذبي سان سرشار هئا. هن چيو ته اڄ به اسان جي ملڪ جو هر فورس ۽ هر شهري ملڪ جي خدمت واري جذبي سان سرشار آهي. اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيهڻ گهرجي، جيڪي ملڪ جي حفاظت لاء اندروني ۽ سرحد پار دهشتگردن سان جنگ جوٽي بيٺا آهن. پنهنجي هٿياربند فوج جي ڪري ئي اڄ اسان محفوظ آهيون. هن وڌيڪ چيو ته جنريشن وار کان وٺي اڄ جي اڻ ڏٺل جنگين تائين اسان جون فوجون ملڪ ۽ ان جي جاگرافيائي سرحدن جو دفاع ڪري رهيون آهن. انتهاپسند ۽ اندروني ۽ بيروني عناصر روزاني جي بنياد تي ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اسان جي هٿياربند فوج پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي به انهن کي شڪست ڏئي رهي آهي، پر هن وقت اسان جي هٿياربند فوج کي اسان جي جذبي ۽ سهڪار جي ضرورت آهي. هن چيو ته ميڊم نورجهان جي انهن ملي نغمن کي ياد ڪيو، جڏهن هن 1965ع جي جنگ دوران اسان جي بهادر سپاهين جي جذبي کي بلند رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، ۽ اهڙو ئي جذبو ۽ ساٿ اڄ به پاڪستان جي پنهنجي فوج کي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر صحرائي چيو ته اسان کي انهن ڳالهين کي سنجيدگيءَ ۽ پختي سوچ سان وٺڻ گهرجي ته اسان جو وجود ڪيئن برقرار هو، ڪيئن برقرار آهي ۽ ايندڙ وقتن ۾ ڪيئن برقرار رهندو، تنهنڪري اسان کي پنهنجي دفاع، پنهنجي معيشت، پنهنجي تعليم، پنهنجي صحت، فوڊ ٽيڪنالاجي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ سڀ کان وڏي ماحولياتي چئلينج تي ڌيان ڏيڻو پوندو. وائس چانسلر چيو ته يونيورسٽين کي انهن شين کي اجاڳر ڪرڻ ۽ فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيڪي اسان جي ملڪ جي مفاد ۾ آهن. هن چيو ته هينئر ڪجهه عناصر ملڪ ۽ پاڪستان جي افواج خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن، حقيقت ۾ اهي ملڪ جا دشمن آهن، انهن کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهڙا عنصر پاڪستاني نٿا ٿي سگهن. وائس چانسلر چيو ته ملڪ جي ڪجهه ڀٽڪي ويل نوجوانن غلط رستو اختيار ڪيو آهي، انهن کي صحيح رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ نوجوان نسل کي پنهنجي ملڪ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ محمد نعيم احمد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 6 سيپٽمبر جي ڏينهن تي اسان جي بهادر فوجي جوانن متحد ٿي بي مثال جرئت ۽ قرباني سان وطن جو دفاع ڪيو. اهي نه رڳو اسان جي سرحدن جي حفاظت لاءِ پر اسان جي قومي قدرن، آزادي ۽ وقار جي حفاظت لاءِ به وڙهندا رهيا. هن چيو ته اڄوڪي تقريب اسان جي هيروز کي خراج تحسين ۽ انهن جي جذبي کي اڳتي وڌائڻ جي ياد ڏياريندڙ آهي. هن چيو ته دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي ايس ايم آءِ يو پاران ٻن ڏينهن جا پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن. بعد ۾ پروگرام ۾ حصو وٺندڙ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. ان موقعي تي ايس ايم آءِ يو ماڊل اسڪول ۽ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي شاگردن ملي نغما، ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ تقريرون ڪيون. جڏهن ته ان موقعي تي 1965ع جي جنگ تي هڪ ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي، ان موقعي تي 1965ع جي جنگ جي شهيدن، هيروز ۽ فوجي نوجوانن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي ملڪ جي بچاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو.