ڪراچي-03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ ٽن مختلف پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو آهي. وزيراعليٰ هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ان تقريبن ۾ آءِ بي اي ڪراچي ۽ اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي لائيف ڊيزائن وچ ۾ سهڪار، بائيو ليب جي تياري ۽ هڪ پينل بحث شامل آهي. جنهن جو عنوان ”سيليڪان ويلي کان ڪراچي تائين جدت ۽ مقامي حل لاءِ تبديليءَ واري تعليم“ آهي. آءِ بي اي ڪراچي هڪ ڊيزائن ليب تيار ڪرڻ لاءِ اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي لائيف ڊيزائن ليب سان سهڪار ڪري رهي آهي، جنهن جو مقصد ڪراچي ۾ هڪ ڊيزائن ليب تيار ڪرڻ آهي. وڏو وزير تقريب ۾ بحث ۾ شرڪت ڪندو. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه بائيو ليب ۾ سينڊ فورڊ بائيو سيڪيورٽي اينڊ پنڊيمڪ پري پيرڊنس انيشيٽو جو دورو به ڪندو ۽ ان جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جيفري ايس گلن سان به ملاقات ڪندو. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ انفيڪشن ڊيزز اسپتال اينڊ ريسرچ سينٽر نيپا ۾ اهڙي ليب قائم ڪرڻ چاهي ٿو. وڏو وزير سيليڪان ويلي کان ڪراچي تائين ”ٽرانسفارميشن آف ايجوڪيشن فار انوويشن اينڊ لوڪل ساليوشنز“ پينل بحث ۾ پڻ حصو وٺندو.