اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي ناليواري ڊاڪٽر مرلي ڌر چيو آهي ته شراب نوشي جگر ختم ٿيڻ سميت مختلف بيمارين جو ڪارڻ آهي، دنيا ۾ چار سو ملين ماڻھو شراب نوشي جي ڪري مختلف بيمارين ۾ مبتلا آھن، 2019ع ۾ دنيا ۾ 26 لک ماڻھن جو موت شراب واپرائڻ سبب ٿيو، صحت جي عالمي اداري 2020ع کان 2030ع تائين شراب پيئڻ ڪري نقصان کي گھٽائڻ جي رٿا تيار ڪئي آهي. اي پي پي سان ڳالهائيندي نامياري ڊاڪٽر مُرلي ڌر چيو آهي ته گذريل ڪجھ وقت کان شراب واپرائڻ جي ڪري جگر جي بيماري ۾ واڌارو ٿيو آھي، شراب ۾ ايٿنول ھوندو آھي جيڪو ذھن کي منتشر ڪرڻ وارو ۽ زھريلو مادو آھي ۽ ماڻھو کي عادي بڻائي ٿو، هِن چيو ته رڳو هڪ سال ۾ 2019ع ۾ دنيا ۾ 26 لک ماڻھن جو موت شراب واپرائڻ سبب ٿيو، جنهن ۾ ويھ لک مرد ۽ ڇھ لک عورتون ھيون، دنيا ۾ چار سو ملين ماڻھو يعني 7 سيڪڙو 15 سال ۽ ان کان وڏي عمر جا ماڻھو شراب ڪري ٿيندڙ بيمارين ۾ مبتلا آھن، هن چيو ماڻھن ۾ ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن ھو پاڻ کي بچائي سگھن، ايٿنول عادت ٿو پيدا ڪري ۽ نقصانڪار آھي. ڊاڪٽر مُرلي ڌر چيو ته صحت جي عالمي اداري 2020ع کان 2030ع تائين شراب پيئڻ ڪري نقصان کي گھٽائڻ جي رٿا تيار ڪئي انھن 6 خاص مدا طئي ڪيا آهن ۽ انهن ڪوشش سان شراب جي نقصانن کي روڪيو ويندو. ڊاڪٽر مُرلي چيو ته شراب پيئڻ ڪري ٽن قسمن جون جگر جون بيماريون ٿين ٿيون پھرين جگر تي چرٻي چڙهي ٿي، ٻيون شراب سان لاڳاپيل ھپيٽائٽس يعني جگر جي سوڄ ۽ ٽيون شراب سان لاڳاپيل سيروسس يعني جگر سُسي وڃي ٿو. هِن چيو ته جگر انساني جسم جو اهم عضوو آهي، جيڪڏھن جگر جواب ڏئي وڃي ٿو ته پوءِ زندگيءَ ختم ٿي وڃي ٿي، هِن چيو ته جگر جي خرابي جھڙوڪ سيروسس ۽ ھپيٽائٽس جي ڪجهه نشانين ۾ ڪامڻ، بک ختم ٿي وڃڻ، هانءُ ڪچو ٿيڻ، وزن گھٽجڻ، مشڪن جي ڪمزوري، بخار، پيٽ ۾ سور، ٿڪاوٽ، پيٽ جو سڄي وڃڻ، پيٽ ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ، پيرن جي سوڄ، چمڙي تي ڪوريئڙي جي ڄار جيان نسن جو نظر اچڻ، دماغ ۾ مُونجھارو، سڀاءُ ۾ تبديلي، ننڊ نه اچڻ، الٽي ۾ رت اچڻ، پائخاني ۾ رت اچڻ. چمڙي تي رت جا نشان اچڻ، بيھوشي جا دورا پوڻ شامل آهن، هن چيو ته جگر خراب ٿيڻ جو علاج پيوندڪاري آهي جيڪو تمام گهڻو مهانگو علاج آهي، اُن لاءِ اسان کي احتياط ڪرڻ گهُرجي.