ڪراچي-02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ حڪُومت ڄامشورو ۽ مٽياري ضلعن ۾ سنڌو درياهه جي ڪنارن تي 34 هزار 900 هيڪٽرن تي ٻيلا قائم ڪرڻ ۽ 7 ضلعن ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ڀائيواري ذريعي 88 هزار 220 ايڪڙن تي ٻوٽا پوکڻ جو فيصلو ڪندي ماربل سٽي منصوبي ۾ دير تي ناراضگي جو اظهار ڪندي منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ماربل سٽي منصوبو صنعتي زون هوندو، جنهن کي نه رڳو سنگ مرمر جي پٿر لاءِ پر ٻين لاڳاپيل صنعتن لاءِ به سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جڏهن ته ڪراچي پورٽ ٽرمينل کان ڄام صادق پل تي ملير ايڪسپريس وي تائين ايڪسپريس وي جي تعمير جي منصوبي جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو 45 هين اجلاس ڪالهه وزيراعليٰ هائوسِ ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مُراد علي شاهه چيو ته ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ جي 2017ع جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٻيلا گهربل 25 سيڪڙو بدران رڳو 6 سيڪڙو آهن. اسان موسمياتي تبديلين جي ڪري سخت حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. 2022ع جي ٻوڏ اسان لاءِ خطرن جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي. ٻيلن کي وڌائڻ سان موسمياتي حالتن کي بهتر نموني سان منهن ڏئي سگهجي ٿو. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ٻيلي کاتي ڊيلٽا بليو پروجيڪٽ ذريعي تمر جي ٻيلن کي وڌايو آهي ۽ ڪاربن ڪريڊٽ ذريعي آمدني پڻ حاصل ڪئي آهي. هن ٻيلي کاتي کي هدايت ڪئي ته ٻيلن جي سرگرمين کي وڌائي هڪ لک ايڪڙن تائين پهچايو وڃي. ٻيلي کاتي وڏي وزير کي ٻڌايو ته مٽياري ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ مختلف مقصدن لاءِ 34 هزار 995 هيڪٽرن جي درياهه جي زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن ۾ 2674 هيڪٽرن تي ٻيلن جي بحالي، 694.63 هيڪٽرن تي روڊن جي تعمير، 7 ھيڪٽرن تي آبادڪاري، 3200 هيڪٽرن تي موجود ٻيلن ۽ 6757 ھيڪٽرن کان وڌيڪ ايراضي وارا علائقا شامل آهن. وڏي وزير ٻيلي کاتي کي هدايت ڪئي ته ٻيلن لاءِ مقامي وڻ جهڙوڪ سنڌي ٻٻر، ڪنڊي ۽ نم وغيره جا ٻوٽا پوکيا وڃن. وڏي وزير ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کان ڄام صادق پل تائين ايڪسپريس وي جي تعمير جي تجويز کي حتمي شڪل ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته ايڪسپريس وي کان پورٽ جي گاڏين کي سڌو موٽر وي ڏانهن وڃڻ ۾ مدد ملندي. وڏي وزير پبلڪ پرائيويٽ بورڊ کي هدايت ڪئي ته هو ان حوالي سان حتمي تجويز پيش ڪري ٻي صورت ۾ صوبائي حڪومت سندن وسيلن مان ايڪسپريس وي تعمير ڪندي. مڪاني ادارن واري کاتي آءِ سي آءِ پل تي دٻاءُ گھٽ ڪرڻ لاءِ سرڪاري ۽ نجي ڀائيوارن کي آءِ سي آءِ پل کان ھاڪس بي تائين ماڙي پور ايڪسپري وي ۽ آءِ سي آءِ انٽر چينج تعمير ڪرڻ جي رٿا پيش ڪئي. ماڙي پور ايڪسپريس وي 8 ڪلوميٽر ڊگھو ٻئي پاسا ٻٽي لائن تي ٻڌل ھوندو، ان تي ھڪ ٽول پلازا ۽ ھڪ ڪانٽو لڳايو ويندو. آءِ سي آءِ پل تي ھڪ ڪلوميٽر ڊگھو انٽرچينج پڻ تعمير ڪيو ويندو. ڪنسلٽنس ھڪ يوٽرن کان سواءِ لياري فلاءِ اوور ۽ ڪاڪا پير فلاءِ اوور تي به انٽرچينج ٺاهڻ جي صلاح ڏني آھي. وڏي وزير 88 هزار 22 هيڪٽرن تي ٻيلن جي بحالي واري منصوبي جي پڻ منظوري ڏني. منصوبي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان پڻ مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. سيد مراد علي شاهه ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت کاتي کي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پکڙيل درياهه جي ٻيلن کي بحال ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو، جنهن تي ٻيلي کاتي چيو ته ان مقصد لاءِ شهيد بينظير آباد، دادو، نوشهروفيروز، ڄامشورو، خيرپور، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ ٻه لک 70 هزار پنج سئو ٻن ايڪڙن جي زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. وڏي وزير ماربل سٽي منصوبي ۾ دير تي ناراضگي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن منصوبي تي ڪم شروع ڪري سگهجي. ماربل سٽي هڪ صنعتي زون هوندو جنهن کي نه رڳو سنگ مرمر جي پٿر لاءِ پر ٻين لاڳاپيل صنعتن لاءِ به سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ان سان نه رڳو ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيندو پر مقامي ۽ عالمي سيڙپڪاري کي پڻ هٿي ملندي. ماربل سٽي 300 ايڪڙن تي مشتمل صنعتي زون هوندو، جنهن ۾ 210 ايڪڙ ڪمرشل ۽ صنعتي زمين هوندي، جڏهن ته 90 ايڪڙ زمين فلاحي مقصدن لاءِ مختص ڪئي ويندي، ايراضي ناردرن باءِ پاس وٽ مختص ڪئي ويندي، جيڪا ڪراچي پورٽ کان 40 ڪلوميٽر، پورٽ قاسم کان 60 ڪلوميٽر جڏهن ته ڪراچي-حيدرآباد موٽر وي کان 25 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته منصوبي لاءِ ڊولپرز جي چونڊ ڪئي وئي آهي ۽ جلد ٺيڪا ڏنا ويندا. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن عذرا پيچوهو، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ضياءُ الحسن لنجار، صلاحڪار لائيو اسٽاڪ نجمي عالم، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڊاڪٽر سروش لوڌي، آصف بروهي، صوبائي سيڪريٽرين ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي.