لاڙڪاڻو- 23 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سنڌ ايم پي اي نثار کهڙو چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ، شيخ زيد چلڊرين اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ، ٽراما سينٽر سميت مختلف اسپتالن جو دورو ڪري اتي داخل مريضن توڙي سندن وارثن کان ملندڙ طبي سهولتن ۽ اسپتال انتظاميه جي سهڪار بابت معلومات وٺندي چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر نياز حسين ڏهر ۽ لاڳاپيل ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي ته داخل مريضن کي بهتر طبي سهولتون ۽ دوائون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن هو هتان صحتياب ٿي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃن.
ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتالن جي دوري جو مقصد مريضن کي ملندڙ طبي سهولتن جو جائزو وٺڻ آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جي تحت پوري سنڌ جي سرڪاري اسپتالن کي جديد طرز جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ته جيئن صوبي جي عوام کي وڌ کان وڌ طبي سهولتون ملي سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهڙو چيو ته ايران جي شهر يزد ۾ پاڪستاني پانڌيئڙن جي بس کي پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ شهيد ٿي ويل جي وارثن سان همدردي آهي، حڪومت جا شڪر گذار آهيون جو هنن شهيدن جا مڙهه پاڪستان آڻڻ لاءِ خصوصي جهاز جو بندوبست ڪيو آهي جنهن خصوصي جهاز جي ذريعي شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي پاڪستان آندو ويندو.
هن چيو ته ايران ۾ اهڙو حادثو ڪيئن پيش آيو ان بابت ايران جون لاڳاپيل اختياريون ئي ٻڌائي سگهن ٿيون جيڪڏهن ايران ۾ گاڏي خراب هئي ته ڊرائيور کي گاڏي جي خراب ٿيڻ بابت ٻڌائڻ گهرجي ها.