ڪراچي- 23 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته حيدرآباد جي، آءِ ٽي ٽيسٽ جي نتيجن ۾ جيڪي شاگرد پاس نه ٿي سگهيا آهن انهن کي هڪ موقعو ٻيو ڏينداسين. جمعي ڏينهن گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي گورنر چيو ته سکر ۾ آءِ ٽي ڪورسز جي ٽيسٽن لاءِ رجسٽريشن ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ڪنداسين. مرحليوار ڪورسز جو دائرو سڄيءَ سنڌ ۾ پکيڙيو ويندو. انشاءَ الله صوبي کي آءِ ٽي جو مرڪز بڻائينداسين. گورنر چيو ته اڄ تربيت هيٺ نوجوان 6 سئو کان 8 سئو ڊالر ماهوار ڪمائي رهيا آهن. جيڪڏهن 10 لک نوجوان 12 سئو ڊالرز ماهوار ڪمائڻ لڳن ته ملڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بي پناهه اضافو ٿيندو. واضح رهي ته حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ 80 هزار نوجوانن گورنر اينيشيٽو تحت جاري آءِ ٽي جي مفت ڪورسن لاءِ ٽيسٽ ڏني هئي جنهن مان 54 هزار نوجوان پاس ٿيا آهن. پاس ٿيل نوجوان گورنر اينيشيٽو تحت جديد آءِ ٽي جا آرٽيفيشل انٽيليجنس، ميٽا ورس ۽ ويب ٿري جا ڪورس ڪندا.