APP40-18 DHIRKOT(AJK): July 18 - Senator Pervaiz Rashid, Federal Minister for IB &NH along with Special Assistant to PM on Political Affairs, Dr. Asif Kirmani addressing a rally of PML-N workers. APP

دير ڪوٽ – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي عوام ايڪهين جولاءِ تي شينهن تي ٺپو هڻي ڌرڻي واري سياست ڪندڙن کي پيغام پهچائي ته عوام نواز شريف جي قيادت ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکڻ چاهي ٿي. هو ديرڪوٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي تڪ ايل اي 13 جي اميدوار راجا افتخار ايوب پاران کان منعقد ورڪر ريلي کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو ته دير ڪوٽ جي ريلي لاءِ عوام نڪري آئي، مون آزاد ڪشمير ۾ پنهنجي زندگي ۾ اهڙي ريلي ناهي ڏٺي.