پيرس- 15 جولاءِ (اي پي پي) سلووينيا جو سائيڪل سوار تڊيج پوگاآر ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جو 15هون مرحلو کٽي ورتو. اسپين کان ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جي 111 هين ايڊيشن جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ سموري دنيا جي سائيڪلنگ جي 22 ٽيمن جا مشهور سائيڪل سوار ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. ريس جي 15هين مرحلي ۾ سائيڪل سوارن فرانس ۾ لاڊينوييل کان پليٽا ڊي بيل تائين جو 197.7 ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪرڻو هو، جيڪو جابلو رستي تي هو. 25 سالن جي سلووينيا سائيڪل سوار تڊيج پوگا آر بهترين سائيڪلنگ جو مظاهرو ڪري 197.7 ڪلوميٽر جو فاصلو 5 ڪلاڪ 13 منٽ ۽ 55 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. سلووينيا جي سائيڪلسٽ تڊيج پوگا آر چوٿون مرحلو کٽڻ سان گڏو گڏ ايڪواڊور جي سائيڪل سوار کان پِيلي جرسي حاصل ڪري ورتي. 27 سالن جي ڊينش سائيڪل سوار جوناس ونجيگارڊ راسموسن ٻئين ۽ 24 سالن جي بيلجيئم جي سائيڪلسٽ ريمڪو ايونپول ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. ٽوورڊي فرانس سائيڪل ريس ۾ 22 ٽيمون ٽائيٽل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهن. ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس 21 مرحلن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ سائيڪل سوار 3498 ڪلوميٽرن جو سفر طئي ڪندا.