لنڊن- 15 جولاءِ (اي پي پي) اسپين جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ دفاعي چيمپئين ڪارلوس الڪاراز ٽائٽل جو ڪامياب دفاع ڪندي مسلسل ٻيو ڀيرو ومبلڊن اوپن ٽينس ٽورنامنٽ کٽي ورتو. 21 ورهين جي اسپين جي شهرت يافته ٽينس اسٽار ۽ دفاعي چيمپئين ڪارلوس الڪاراز مينز سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ 24 گرينڊ سلم ٽائيٽل جي فاتح ، سربيا جي عالمي شهرت يافته ٽينس اسٽار ۽ سيڪنڊ سيڊڊ نوويڪ جوڪووچ کي شڪست ڏئي مجموعي طورتي چوٿون گرينڊ سلم ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو . سال جي ٽئين گرينڊ سلم ومبلڊن اوپن ٽينس جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.