اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وفاقي حڪومت غيرقانوني سرگرمين تي پي ٽي آءِ تي پابندي هڻڻ، سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ جي باني، اڳوڻي صدر عارف علوي ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ موڪليو ويندو، ملڪ مخالف سرگرمي ۾ ملوث ٻاهرئين ملڪ ويٺل عنصرن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته شرپسند عنصرن تي پابندي لڳائڻي پوندي، آءِ ايم ايف کي خط لکڻ پي ٽي آءِ جي ملڪ دشمن ايجنڊا جو حصو هو، هڪ سياسي پارٽي کي اهو حق ڏنو ويو جيڪو هن گهريو ئي نه هو، حڪومت ڪنهن جي خلاف انتقامي ڪارروائي نه ڪندي. هو پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس دوران خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ملڪ ۾ بيچيني واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هڪ فلمي ٽيلر هلايو پيو وڃي، جيڪو 7 خون معاف ڪرڻ جي نالي سان آهي ۽ ٻڌايو پيو وڃي ان ٽچ ايبل آهن. هن چيو ته اسان جي قائد اسان جي اها تربيت ڪئي آهي ته سياسي مخالفن کي به صاحب سڏڻو آهي، تنقيد براءِ اصلاح اسان جي سياسي ليڊر جي تربيت هئي، اسان جي قيادت جي پهرين صف کي جيلن ۾ وڌو ويو ته اُف تائين نه ڪڍي، پي ٽي آءِ باني بدترين ليڊر آهي، هن انتقام جي باهه ۾ سڙندي ڀينرن، ڌيئرن کي جيلن ۾ وجهڻ جي روايت وڌي. وزيراعظم شهباز شريف ايوان ۾ به چيو ته اسان ميثاق معيشت ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اسان چيو ته اسان ميثاق معيشت ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اها اسان جي تربيت هئي، اسان سياسي مخالفن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندا آهيون. هڪ سياسي پارٽي تربيت ڏني ته ڪير به ڪنهن جي ڏک سک ۾ نه ويندو. هن چيو ته اسان جي دانشمندي کي اسان جي ڪمزوري سمجهيو ويو. هن اسان کي ڪمزور سمجهيو ۽ گارگند جو ڪلچر ڦهلايو ويو. چيو ويو ته اسلامي ٽچ ڏيو ۽ اسلام کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪريو. هي اها روش آهي جيڪا ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي. 2014ع جي ڌرڻي کان اڄ تائين هڪ مخصوص مائنڊ سيٽ کي هٿي وٺرائي پئي وڃي. جڏهن فلسطين تي حملا ٿي رهيا آهن ته انهن جا اڳواڻ اسرائيلي بزنس مين سان گڏ کائي پئي رهيا هئا، هاڻ گهڻو ٿي ويو، هن ملڪ سان وڌيڪ راند ڪرڻ نه ڏينداسين. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جو منشور آهي ته ڪير به غيرمسلم انهن جي پارٽي جو ميمبر نٿو بڻجي سگهي، تازي فيصلي ۾ تحريڪ انصاف کي بنا گهرڻ جي ريليف ڏنو ويو. هن چيو ته حڪومت ۽ اتحادي پارٽين سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف نظرثاني جي اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نظرثاني ۾ اها گذارش ڪئي ويندي جن کي ريليف ڏنو ويو آهي انهن گهريو هو؟ هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي کي اهو حق ڏنو ويو جنهن جو اها حق نه ٿي رکي، اسان سمجهون ٿا ته نظرثاني جي اپيل داخل ڪرڻ اسان جو حق آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چُونڊُون نه ڪرايون، انهن جي ايم اين ايز عدليه آڏو اهو نه چيو ته اسان تحريڪ انصاف جا ميمبر آهيون، جن ايم اين ايز کي ريليف ڏنو ويو آهي ڇا اهي عدليه آڏو موجود هئا؟ انهن اهو ريليف گهريو هو جيڪو انهن کي ڏنو ويو. اطلاعات واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ منع ٿيل ذريعن کان فنڊنگ ورتي آهي، فارن فنڊنگ ڪيس ۾ 6 سالن کان اِسٽي مٿان اسٽي ورتو پيو وڃي. هن چيو ته 9 مئي تي ملڪي دفاع تي ذاتي مفاد ۾ حملو ڪيو، باني پي ٽي آءِ جو پورو خاندان ان حملي ۾ ملوث هو، باني پي ٽي آءِ جون ٽئي ڀينرون ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهر موجود هيون، قوم کي چيو پئي ويو ته انقلاب اچڻ وارو آهي، فوري طور تي پنهنجي پنهنجي لوڪيشن تي پهچو، باني پي ٽي آءِ انتشار ۽ تشدد جي سياست کي فروغ ڏنو، هن ملڪ جي دفاعي ادارن کي نقصان پهچايو، پي ٽي آءِ حڪومت ئي ٽي ٽي پي کي واپس آندو، هڪ طرف هي دهشتگردن کي آڻي پناهگاهون ڏئي رهيا هئا ۽ چئي رهيا هئا ته اهي ملڪ جي سالميت ۾ ڪردار ادا ڪندا ۽ ٻئي طرف انهن جي ايڇ ڪيو ۽ ڪو ڪمانڊر هائوس تي حملو ڪيو، انهن نيشنل ايڪشن پلان کي ختم ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف پنهنجي گهرواريءَ کي بيماري جي حالت ۾ ڇڏي آيو، نواز شريف سدائين پاڪستان جي ڳالهه ڪئي، بينظير ڀٽوجي شهادت کانپوءِ آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، ٻئي طرف ڏٺو وڃي ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ، 9 مئي جي حملي ۽ دهشتگردن کي واپس آندو، پي ٽي آءِ سائفر جو ڊرامو ڪيو، انهن پنهنجي سياسي مفاد جي لاءِ عالمي سطح تي ملڪ جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، آمريڪا ۾ اسان جي سفير چيو ته ڪو ٿريٽ موجود نه هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انهن ئي سببن جي ڪري وفاقي حڪومت تحريڪ انصاف تي پابندي هڻڻ جي لاءِ ڪيس داخل ڪندي، آئين حڪومت کي ملڪ مخالف سرگرمين ۾ ملوث پارٽي تي پابندي هڻڻ جو اختيار ڏي ٿو، وفاقي حڪومت تحريڪ انصاف تي پابندي هڻڻ جي لاءِ ڪيس داخل ڪندي، تحريڪ انصاف تي پابندي جي لاءِ جواز موجود آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف غيرآئيني طور تي اسيمبلين کي ٽوڙيو، آءِ ايم ايف کي خط لکڻ پي ٽي آءِ ملڪ دشمن ايجنڊا جو حصو هو، ملڪ سان هاڻي راند ڪرڻ نه ڏينداسين، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته شرپسند عنصرن تي پابندي لڳائڻي پوندي، پي ٽي آءِ آئين جي خلاف ورزي ڪئي، بي اعتمادي واري رٿ جي هوندي اسيمبلين کي تحليل ڪيو، ان وقت جي صدر عارف علوي، ان وقت جي وزيراعظم عمران خان نيازي ۽ ان وقت جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف آرٽيڪل 6 جو ريفرنس ڪابينا جي منظوري کانپوءِ سپريم ڪورٽ موڪليو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ محنتي ماڻهو آهن، اهي ملڪ جي پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ڪن ٿا، ٻاهرئين ملڪ ڪجهه مخصوص لابيون پاڪستان جي سالميت جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهن. هن چيو ته ملڪ جي خلاف سازشن ۾ ملوث ٻاهرئين ملڪ موجود لابين جي خلاف حڪومت سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان کان ٻاهر ويهي منع ٿيل فنڊنگ وصول ڪري ملڪ جي خلاف مهم هلائيندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، اسان تحمل، بردباري ۽ دانشمندي جو مظاهرو ڪري ڏٺو پر ان کي اسان جي ڪمزوري سمجهيو ويو، هاڻي هي نيب چيئرمين کي ٽارگيٽ ڪري رهيا آهن، پريشر وڌو پيو وڃي ته نيب توشه خانه ڪيسز تان پٺتي هٽي وڃي، آئين ۽ قانون جي دائري جي اندر رهندي انهن جي خلاف ڪارروائي جو عمل مڪمل ڪيو ويندو. انهن آءِ ايم ايف ڊيل کي سبوتاز ڪيو، ملڪ کي ڊيفالٽ جي ويجهو پهچايو ۽ سائيفر سان راند ڪئي، انهن ملڪ دشمن قوتن کي سگهه ڏني ۽ پنهنجي سياسي فائدي جي لاءِ پاڪستان جو نقصان ڪيو، انهن جي خلاف قانون ۽ آئين موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.