اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان سان اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ تعاون ۽ واپاري حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري رابطن کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ ايشيائي ملڪن خاص طور تي آذربائيجان سان اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، عبدالعليم خان، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ڄام ڪمال خان، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي، صلاحيت ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اقتصادي تعاون جي فروغ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، آذربائيجان سان توانائي جي شعبي ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم چيو ته جاگرافيائي لحاظ کان پاڪستان وچ ايشيائي رياستن جي لاءِ سمنڊ تائين اقتصادي لنگهه جو قدرتي رستو فراهم ڪري ٿو، آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپار جي صلاحيت ۽ موجوده واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.