نيويارڪ-10 جون (اي پي پي ) انٽرنيشنل ڪرڪٽ ڪونسل جي اهتمام هيٺ آئي سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ اڄ وڌيڪ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو . ميچ گروپ اي جي ٽيمن پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي ٽيمن وچ ۾ ناسائو ڪائونٽي انٽر نيشنل ڪرڪٽ اسٽيڊيم نيويارڪ ۾ کيڏي ويندي اهو ورلڊ ڪپ جو ٻارهون ميچ هوندو محدود اوورز جي فارميٽ جي نائين ميگا ايونٽ جي دلچسپ مقابلا ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾ جاري آهي جنهن ۾ مڌاهن کي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن پاڪستاني ٽيم جي اڳواڻي مشهور بيٽسمين بابر اعظم ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڪينيڊا جي ٽيم جي قيادت بهترين بيٽسمين بابر اعظم ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڪينيڊا جي ٽيم کي سعد بن طفر ليڊ ڪندو پاڪست اني ٽيم پنهنجي ٻئي ابتدائي ميچون هارائي چڪي آهي . گرين شرٽس جي پهرين ميچ ۾ آمريڪا جي ٽيم سپر اوور تي 6 رنسن تان هارايو جڏهن ته ٻي ميچ ۾ مخالف ڀارت پاڪستان کي 6 رنسن تان هارائي ڇڏيو اهڙي طرح ڪينيڊين ٽيم به پنهنجي ٽي ميچ کيڏندي ميزبان آمريڪا پهرين ميچ ۾ ڪينيدا جي ٽيم کي 7 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڪينيڊا جي ٽيم آئرلينڊ جي ٽيم کي 12 رنسن تان هارايو يو ميگا ايونٽ ۾ 20 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن . انگلينڊ جي ٽيم دفاعي چيمپئين آهي جڏهن ته ٽورنامنٽ جو فائنل ميچ جون۾ بار بار ڊوس ۾ کيڏي ويندي.