لندن _ 10 جون (اي پي پي ) انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ جي اهتمام هيٺ هلندڙ سال جاري واٽيلٽي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ (اڄ ) اڱاري ڏينهن تي وڌيڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي . جنهن ۾ سائوٿ گروپ جون ٽيمون مڊل سيڪس سمرسيٽ لارڊز ، لندن ۾ کيڏي ويندي . مڊل سيڪس کي اسٽيفن ايسڪنازي ليڊ ڪري رهيو آهي . جڏهن ته سمر سيٽ کي ليوس گريگوري ليڊ ڪري رهيو آهي . ٽورنامنٽ ۾ 18 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪري رهيون آهن . سمرسيٽ جي ٽيم ايونٽ ۾ پنهنجي اعزاز جي دفاع لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي . ايونٽ جو ڪوارٽر فائنل مرحلو 3 سيٽمبر کان شروع ٿيندو جڏهن ته ٻيو سيمي فائنلز ۽ فائنل ميچ 14 سيٽمبر تي برمنگم ۾ کيڏيو ويندو .