رياض- 08 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي شهري دفاع واري کاتي حج پانڌيئڙن جي ڪيمپن ۽ مناسڪ حج جي جاين تي سرڪاري ۽ خانگي ايجنسين جي رهائشگاهن ۾ هر قسم جي گيس سلينڊرز جي داخلا ۽ ان استعمال تي پابندي لڳائي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب شهري دفاع واري کاتي اهڙو قدم مشاعر مقدسه ۾ باه لڳڻ جي خطري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ احتياطي اپاءَ طور کنيو آهي،بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهري دفاع واري کاتي جون ٽيمون پابندي سان نئون قانون لاڳو ڪرڻ کي پڻ يقيني بڻائن.حج پانئيڙن جي استعمال ۾ کاڌو پچائڻ لاءِ جيڪي به گيس سلينڊر يا چلها موجود هجن انهن کي ضبط ڪيو وڃي،جڏهن ته خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سيڪيورٽي عملدارن جي سهڪار سان ڪاروائي ڪئي ويندي.