اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا توشه خانه تحفن جي قانونن ۾ ترميمن ۽ ٽيڪس بابت التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ جي لاءِ اپيليٽ ٽربيونل ان لينڊ روينيو (ڪنڊيشنز آف سروس) رولز 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته پاڪستان اليڪٽرانڪ ايڪٽ 2016ع ۾ ترميم تي مشاورت جي لاءِ وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار جي سربراهي ۾ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي موجوده صورتحال جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ تازي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪشميري عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت 23 ارب رپين جي فوري فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو معاملو افهام تفهيم سان حل ڪرڻ جي حوالي سان صدر آصف علي زرداري، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ ٻين سياسي اڳواڻن ۽ سرڪاري آفيسرن جا ٿورا مڃيا. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي اپيليٽ ٽربيونل ان لينڊ روينيو (ڪنڊيشنز آف سروس) رولز 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، انهن قاعدن تحت انهن ٽربيونلز جي ميمبرن جي مقرري ڪئي ويندي، انهن ٽربيونلز جو بنيادي مقصد ٽيڪس بابت التوا هيٺ ڪيسن کي جلد اڪلائڻ آهي. وفاقي ڪابينا توشه خانه تحفن جي قانونن ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي، انهن ترميمن تحت هو شيلڊز، سووينيئرز ۽ اهڙي طرح جا ٻيا تحفا جيڪي وصول ڪندڙ پاڻ وٽ نه رکندو، ان کي وصول ڪندڙ جي اداري جي عمارت جي احاطي ۾ ڪنهن به نمايان جڳهه تي رکيو ويندو ۽ ان جو باقاعده رڪارڊ رکيو ويندو، ڪتابن جا تحفا وصول ڪندڙ پاڻ وٽ نه رکندو، اهي وصول ڪندڙ جي آفيسر يا ڪنهن پبلڪ لائبريري ۾ رکيا ويندا ۽ ان جي باقاعده فهرست ٺاهي ويندي، اهڙا تحفا جيڪي پاڪستان جي قانونن تحت ممنوع آهن، انهن کي ڪابينا ڊويزن پاران قائم ڪئي ويندڙ ڪميٽي جي موجودگي ۾ تلف ڪيو ويندو، اهڙي طرح توشه خانه جي تحفن جو ڪاٿو لڳائيندڙ نجي شعبي جي ماهر جي اعزازيه ۾ پڻ اضافو ڪيو ويندو. ياد رهي ته پي ڊي ايم حڪومت جي دور ۾ ان وقت جي وفاقي ڪابينا توشه خانه پاليسي 2023ع جي منظوري ڏني هئي جنهن تحت صدر، وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن سميت ٻين سرڪاري عهديدارن تي 300 آمريڪي ڊالرز کان وڌيڪ ماليت جو تحفو حاصل ڪرڻ تي پابندي هنئي وئي، ان پاليسي تحت ڪو به پبلڪ آفيس هولڊر 300 آمريڪي ڊالرز کان وڌيڪ ماليت جو تحفو پاڻ وٽ نه رکي سگهندو، 300 ڊالر کان گهٽ جو تحفو مروجه طريقيڪار تحت رقم ادا ڪري حاصل ڪري سگهجي ٿو. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 7 مئي 2024ع تي ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي جڏهن ته پاڪستان اليڪٽرانڪ ڪرائيمز ايڪٽ 2016ع ۾ ترميمن کي مشاورت جي لاءِ هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ اتحادي پارتين جا نمائندا شامل هوندا ۽ ان ڪميٽي جي قيادت وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ڪندو. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي ڪرڪ هيومنيٽرين، آمريڪا ۽ جنيد فيملي فائونڊيشن، آمريڪا پاران حاملا عورتن جي لاءِ ملٽي مائيڪرو نيوٽريئنٽس سپليمنٽس جو عطيو ڪيل 10 لک بوتن کي ٽيڪس ۽ ڊيوٽي کان ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت جي سفارش تي سيڙپڪاري محتسب جي مقرري جي قانونن جي شق 3 (1) اي ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان ترميم تحت سيڙپڪاري محتسب جي عهدي جي لاءِ ڪامرس، فنانس يا ٻئي لاڳاپيل شعبي ۾ ڊگري جي شرط لازمي آهي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 7 مئي 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.