اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ جو نائون ايڊيشن پنهنجي پڃاڻي واري مرحلي ڏانهن وڌي رهيو آهي. پي ايس ايل ۾ (اڄ) جمعي تي ايليمينٽير ون ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جون ٽيمون نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ميچ رات 9 وڳي شروع ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي انتظام هيٺ پي ايس ايل جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ (اڄ) جمعي تي ايليمينٽرز ون ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. اسلام آباد يونائيٽڊ مشهور آل رائونڊر شاداب خان جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي مشهور بيٽسمين ريلي روسو ليڊ ڪندو. پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ميچ 18 مارچ تي ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.