لندن _ 20 فيبروري (اي پي پي ) انگلش پريمئر ليگ جي 32 هين سيزن جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن . اي پي ايل ۾ (اڄ ) اربع ڏينهن تي وڌيڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ دفاعي چيمپئن مانچسٽر سٽي ۽ برينٽ فورڊ جون ٽيمون اتحاد اسٽيڊيم ، مانچسٽر جي هنڌ تي آمهون سامهون ٿينديون . ٻئي ٽيمون 24، 24 ميچون کيڏي چڪيون آهن .