سڊني _ 20 فيبروري (اي پي پي ) دي مارش ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو 55 هون ايڊيشن پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو . ويسٽرن آسٽريليا ۽ نيو سائوٿ ويلز جي ٽيمن وچ ۾ مارش ڪپ جي فائنل ميچ 25 فيبروري تي سڊني اولمپڪ پارڪ سڊني ۾ کيڏي ويندي . نيو سائوٿ ويلز جي ٽيم ليگ ميچون مڪمل ٿيڻ بعد دي مارش ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي پوائنٽس ٽيبل تي سڀ کان وڌيڪ 22 پوائنٽس ۽ ويسٽرن آسٽريليا جي ٽيم 21 پوائنٽس ٿيڻ تي فائنل ۾ پهچي ويون آهن .