ڍاڪا – 19 فيبروري (اي پي پي) بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) جي ڏهين ايڊيشن ۾ (اڄ) اڱاري تي وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو. پهرين ميچ چٽوگرام چيلنجرز ۽ کلنا ٽائيگرز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. ٻئي ميچ ڪوميلا وڪٽورينز ۽ رنگپور رائيڊرز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. بنگلاديش پريميئر ليگ جا دلچسپ مقابلا بنگلاديش ۾ جاري آهن جنهن ۾ دنيا جا ناليوارا رانديگر پنهنجون صلاحيتون ڏيکاري رهيا آهن.