اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي ) ڀارت ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ٽيسٽ ميچ 23 کان 27 فيبروري تائين جي ايس سي اي انٽر نيشنل اسٽيڊيم ڪمپليڪس ، رانچي ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم کي انگلينڊ خلاف پنجن ميچن جي سيريز ۾ 1-2 جي ڪاميابي حاصل آهي. مهمان برطانوي ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت جي ٽيم کي 28 رنسن تان هارايو هيو جڏهن ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارتي ٽيم ڪم بيڪ ڪندي انگلينڊ جي ٽيم کي نه صرف 106 تان هارايو پر پنجن ميچن جي سيريز ۾ 1- 1تان برابر ڪري ڇڏي هئي. ميزبان ڀارتي ٽيم ٽئين ٽيسٽ ميچ ۾ به مهمان برطانوي ٽيم کي 434 رنسن تان شڪست ڏني هئي. انگلينڊ جي ڀارتي دوري دوران ميزبان ڀارتي ٽيم سان پنجن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنجن ميچن جي سيريز جي چوٿين ٽيسٽ ميچ 23 کان 27 فيبروري تائين جي ايس اي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ڪامپليڪس ، رانچي ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته نجي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 7 کان 11 مارچ تائين هما چل پرديش ڪرڪٽ ايسوسي ايشن اسٽيڊيم ، ڌرم شاله ۾ کيڏي ويندي .