بيجنگ – 19 فيبروري (اي پي پي) چين آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته هو آمريڪا ۾ داخل ٿيندڙ چيني شاگردن کي مبينا طور تي هراسان ڪرڻ بند ڪري. فرانسيسي خابرو اداري مطابق چين جي پبلڪ سيڪيورٽي جي وزير وانگ شيائوهانگ گذريل ڏينهن آمريڪي هوم لينڊ سيڪيورٽي سيڪريٽري اليجيندرومايورڪاس سان ويانا ۾ ملاقات دوران چيو ته آمريڪا کي ڪنهن به ظاهري سبب جي چيني شهرين کي هراسان ڪرڻ ۽ انهن جي جاچ ڪرڻ بند ڪرڻ گهرجي. هن آمريڪا تي زور ڏنو ته هو ملڪ ۾ داخلي دوران چيني شهرين سان منصفاڻو سلوڪ ڪندي انهن جي مڪمل وقار کي يقيني بڻائي. هن آمريڪي هوم لينڊ سيڪيورٽي سيڪريٽري تي چين کي منشيات جي چرپر يا پيدا ڪندڙ وڏن ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي آمريڪي فيصلي کي درست ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. چين آمريڪا تي الزام لڳايو آهي ته صحيع سفري دستاويز رکندڙ چيني شهرين کي آمريڪي هوائي اڏن تي جارحاڻي پڇا ڳاڇا ۽ ملڪ بدري جو نشانو بڻايو ويندو آهي.