جوهانسبرگ- 25 جنوري (اي پي پي) آءِ سي سي انڊر ورلڊ ڪپ 2024 ۾(اڄ) وڌيڪ ٽن ميچن جو فيصلو ٿيندو، پهرين ميچ آمريڪا ۽ بنگلاديش ٻي ميچ انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي انڊر 19 ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ميچ ۾ افغانستان ۽ نيپال جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو، انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو ڏکڻ آفريقا ۾ جاري آهي،ميگا ايونٽ ۾ اڄ جمعي تي گروپ اي ۾ آمريڪا ۽ بنگلاديش جي انڊر 19 ٽيمن وچ ۾ ميچ مانگا ونگ اوول، بلو مفونٽين ۾ کيڏي ويندي،انڊر 19 ورلڊ ڪپ جو پهريون سيمي فائنل ميچ 6 فيبروري، ٻيو سيمي فائنل 8 فيبروري جڏهن ته فائنل ميچ 11 فيبروري تي کيڏيو ويندو.