ڪرائسٽ چرچ-19 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل چوٿين ٽي – 20 ميچ نيوزيلينڊ آساني سان کٽي ورتي. تفصيل مطابق پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ميزبان نيوزي لينڊ جي ٽيم کي 5 ٽي – ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوون ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 159 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو. پاڪستاني ٽيم مقرر اوورن ۾ 5 رانديگرن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهيون، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزي لينڊ جي ڪپتان مچل سينٽنر ٽاس کٽي پاڪستان کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني، پاڪستان طرفان صائم ايوب ۽ محمد رضوان اننگز جي شروعات ڪئي پر صائم ايوب هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام رهيو ۽ ٻئي اوور ۾ صرف هڪ رنس ٺاهي سلپ ۾ ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان جو ٻيو آئوٽ ٿيندڙ رانديگر بابر اعظم 56 جي مجموعي اسڪور تي انفرادي 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. فخر زمان 15 بالن تي 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، صاحبزاده فرحان به ٻن بالن جو مهمان ثابت ٿيو ۽ هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو، هڪ طرف وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو پر ٻئي طرف محمد رضوان ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي مجموعي اسڪور کي اڳتي وڌائيندو رهيو ۽ پنهنجي اڌ سينچر مڪمل ڪئي، 126 رنسن جي مجموعي اسڪور تي افتخار احمد 14 بالن تي 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، محمد رضوان 90 ۽ محمد نواز 21 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، ائين پاڪستان جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ ڪيويز کي 159 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو، نيوزي لينڊ طرفان ميٽ هنري ۽ لوڪي فرگوسن ٻه جڏهن ته ايڊم ملن هڪ رانديگر آئوٽ ڪيو. جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 18.1 اوورن ۾ هدف 03 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ميچ کتي ورتي. ڊيرل مچل کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو. جنهن 44 بالن تي 72 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي. پاڪستاني ٽيم جي بيٽسمينن جيان بالر به ناڪام رهيا ۽ رڳو ڪپتان شاهين شاهه آفريدي 03 وڪيٽيون ورتيون .