صوابي – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته 9 مئي تي ملڪ ۾ هنگاما چٽي حقيقت آهي، هر ملڪ ۾ رياستي ٺڪاڻن تي حملا ڏوهه تصور ڪيا وڃن ٿا، جمهوريت ۽ حڪومت جو جائزو ڪارڪردگي جي بنياد تي وٺڻ گهرجي، جيڪا مقبوليت ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي ڪم نه ٿي اچي اها تباهي ثابت ٿئي ٿي، جمهوري اصول هر ڪو چاهي ٿو پر جمهوريت ۾ ڪارڪردگي تي ڪير ڳالهه نه ٿو ڪري، تنقيد ڪرڻ جي لاءِ گار ڏيڻ ضروري نه آهي، الميو اهو آهي ته تنقيد نگار پيدا نه پيا ٿين. اهڙن خيالن جو اظهار هن غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ قانون لاڳو آهي جن تحت انهن جي خلاف ڪيس داخل ٿيا آهن. قانون جي روشني ۾ ماڻهن کي حراست ۾ رکڻ ۽ قيد ڪرڻ رياست جو اختيار هوندو آهي. رياست جي ان اختيار کي چئلينج ڪرڻ رياست جي بقاءَ کي چئلينج ڪرڻ برابر آهي، ڪنهن گروهه يا سياسي پارٽي ڪنهن اڳواڻ کي جيل ۾ ناهي وڌو، جيڪڏهن اهو ڪم سياسي يا نجي گروهه ڪيو هجي ها ته اها قانون جي خلاف ورزي هجي ها، ماضي ۾ ڪيترائي سياسي اڳواڻ جيلن کي منهن ڏئي چڪا آهن، قانون ۾ عدالت سان رجوع ڪرڻ جو حق موجود آهي، ان نظام کي سڀ تسليم ڪن ٿا جيڪڏهن ڪنهن کي ان نظام تي اعتراض آهي ته 8 فيبروري تي ملڪ ۾ چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪا به حڪومت ايندي اها آئين ۾ ڪا ترميم ڪرڻ چاهي ته ڪري سگهي ٿي. نگران حڪومت کي آئين ۽ قانون ۾ ترميم جو ڪو اختيار نه آهي، 9 مئي تي ملڪ ۾ هنگاما ٿيا آهن اها مڃيل حقيقت آهي، 9 مئي تي فوجي ۽ ٻين ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، آمريڪا ۾ به اهڙي طرح جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي سزائون ٿيون آهن ۽ دنيا انهن قدمن کي تسليم ڪيو آهي، مون کي حيرت ٿئي ٿي ته هڪ طرف اسان کي سويلين بالادستي، جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي گهرجي، اسان جي پڙهيل لکيل طبقي کي پنهنجي سياسي راءِ جي اظهار ۽ احتجاج جي اجازت ته گهرجي پر ان کي پنهنجي سياسي رويي تي بحث قطعي طور قبول نه آهي. نگران وزيراعظم چيو ته شاگردن کي اهو حق آهي ته اهي جنهن به سياسي اڳواڻ جي حمايت ڪرڻ چاهين، ڪري سگهن ٿا، ڪو انهن جي ان حق کي چئلينج نه ڪري رهيو آهي، اسلام ۾ طبقن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو ڪو تصور نه آهي، اسلام ۾ ڪلاس ڪوآرڊينيشن جو نظام آهي، معياري مذاڪرا مثبت سوچ ۽ رجحان کي وڌائين ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم پنهنجي ان راءِ جو اظهار ڪيو ته جمهوريت ۽ حڪومت جو جائزو ڪارڪردگي تي بنياد تي وٺڻ گهرجي، مختلف خطن ۽ ملڪن ۾ ارتقائي عمل تحت نظام جوڙيا ويا آهن، جمهوريت مختلف مرحلا طئي ڪندي اڳتي وڌي آهي، پارلياماني نظام ترتيبوار طاقت هاصل ڪئي آهي، جمهوريت ۾ احتساب جو نظام موجود آهي، ڪارڪردگي، ترجيحن ۽ پاليسين جي بنياد تي ڪو ليڊر مقبول هجي ته اهو جمهوريت جي لاءِ بهتر هوندو آهي، جيڪڏهن مقبوليت ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي ڪم نه ٿي اچي ته اها تباهي ثابت ٿئي ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت اڃا مڪمل ناهي ٿي، جمهوري عمل ترتيبوار اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهڙي ئي صورتحال آهي، جمهوريت ۾ ڪير طاقت جي ذريعي حڪومت ۾ نه ٿو اچي پر چونڊ عمل جي نتيجي ۾ حڪومت وجود ۾ اچي ٿي، جمهوري اصول کي ته سڀ اختيار ڪرڻ چاهين ٿا پر جمهوريت جي پرفارمنس ۾ ڪنهن جي دلچسپي نه آهي، جن ملڪن ۾ جمهوريت مستحڪم ٿئي ٿي اتي پرفارمنس کي تمام گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي، اسان اڃا تائين ٽرانزيشن ۾ ڦاٿل آهيون. نگران وزيراعظم چيو ته رياست ناڪام ناهي ٿي، رياست ڪاميابي سان پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي پر ان کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ جي نظرياتي سرحدن جو دفاع شاگرد ڪندا، اسلام ۾ مذاڪري ۽ ڳالهه ٻولهه جي حوصلا افزائي ڪئي وئي آهي، شاگرد پنهنجي اندر اهليت پيدا ڪن ته اهي ملڪ جي نظرياتي سرحدن جو دفاع ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته عورتن جي ڪاميابين کي به اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي پنهنجا سماجي روايا صحيح ڪرڻا پوندا ۽ پنهنجي عورتن کي به موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، عورتن کي تعليم جا موقعا فراهم نه ڪرڻ جهالت ۽ فرسودگي آهي، عورتن جي تعليم جي لاءِ حڪومتي قدمن سان گڏوگڏ سماج ۾ تحريڪ هلائڻي پوندي، حڪومتي سطح تي صنفي امتياز نه ڪيو وڃي ۽ عورتن کي برابر جا حق حاصل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته آئين ۾ نوڪرين ۾ بلوچستان جي 6 سيڪڙو ڪوٽا مقرر آهي، جيڪڏهن ڪٿي ان جي خلاف ورزي ٿئي ٿي ته ان تي ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي صنعتن ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جا ملڪ جي سٺي تعليمي ادارن سان رابطا قائم ٿيڻ گهرجن، ان حوالي سان تجويزن جو جائزو ورتو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته تنقيد ڪرڻ جي لاءِ گار ڏيڻ ضروري نه آهي، تنقيد ضرور ڪن ڪنهن تنقيد کان ناهي روڪيو نه ئي تنقيد کي روڪي سگهجي ٿو، الميو اهو آهي ته تنقيد نگار ته پيدا ئي نه ٿي رهيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته ڀارت کان جڏهن 60ع جي ڏهاڪي ۾ ماڻهو ٻاهر ويا ته ان کي برين ڊرين سان تعبير ڪيو ويو، اهي ٻاهر وڃي ترقي ڪري ويا، سرمايو ڪمايو، مهارت حاصل ڪئي ۽ واپس اچي پنهنجي ملڪ ۽ معاشري ۾ سيڙپڪاري ڪئي، جيڪي ٻار اڄ اسان جي ملڪ مان وڃي رهيا آهن اهي دنيا مان بهتر شيون سکي ايندا، ماڻهو بهتر موقعن جي لاءِ سدائين کان لڏپلاڻ ڪندا رهيا آهن، هيومن ريسورس کي ايڪسپورٽ ڪرڻ اسان جي جي ڊي پي جو حصو آهي، هتان ويندڙ نوجوان اسان جي طاقت ثابت ٿيندا، اهي اسان جي ڪمزور جو سبب نه هوندا، سعودي عرب ۾ وڏي پئماني تي افرادي قوت جي ضرورت آهي، انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي.