ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته زندگي کي بامقصد بڻائڻ ۽ روشن مستقبل جي لاءِ تعليم ضروري آهي، پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي مڪمل آزادي آهي، گورننس کي بهتر بڻائڻو پوندو، سمورا پاڪستاني برابر جا شهري آهن، اقليتن کي هڪ جهڙا حق حاصل آهن، ميرٽ جو نظام لاڳو ڪرڻ کانسواءِ اسان اڳتي نٿا وڌي سگهون. اهڙن خيالن جو اظهار هن آغا خان يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۽ سوالن جوابن جي ويهڪ ۾ ڪيو. نگران وزيراعظم پنهنجي شروعاتي جملن ۾ چيو ته تعليم ۽ تعليمي ادارا سدائين منهنجي دل جي ويجهو رهيا آهن. مون کي سدائين کان سکڻ ۽ ڄاڻڻ سان لڳاءُ رهيو آهي. نمايان تعليمي ادارن سدائين پنهنجي طرف راغب ڪيو آهي. زندگي کي بامقصد بڻائڻ جي لاءِ تعليم ضروري آهي. گلگت بلتستان جي هڪ شاگرد پاران سوال تي نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جاگرافيائي لحاظ کان اهم حيثيت رکندڙ آهي، اهو پاڪستان جو حصو آهي ۽ انشاءَ الله سدائين رهندو. گلگت بلتستان جي حيثيت کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير جي حصي طور ڏسڻو پوندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ڪشمير تي ٽي جنگيون وڙهي چڪا آهن. پاڪستان گلگت بلتستان جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا آهن اهي عوام کي حق ڏيڻ جي لاءِ آهن. گلگت بلتستان کي پاڪستان جو سنگاپور هجڻ گهرجي ڇو ته اهو وسيلن سان مالامال علائقو آهي. اظهار راءِ جي آزادي جي حوالي سان نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هر شهري کي اظهار راءِ جو حق حاصل آهي. ملڪي سياسي تاريخ کي نظر ۾ رکندي ڪنهن مخصوص واقعي کي ڪنهن مخصوص مدي يا ڪنهن مخصوص حڪومت سان نه ڳنڍڻ گهرجي. اڄ به هتي شاگردن ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ سوالن جوابن جي ويهڪ ۾ کلي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ۽ شاگردن نگران وزيراعظم جي روبرو پنهنجي دل جي ڳالهه کولي ڪئي آهي تنهن ڪري اهو تاثر ته ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزادي نه آهي، ان ۾ وزن نه آهي جڏهن ته نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اظهار راءِ کي مثبت ۽ تعميري هجڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ جي سياسي تاريخ ۽ ٻين موضوعن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ٿي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته 18 هين ترميمن کانپوءِ صحت جو شعبو صوبن وٽ هليو ويو، هاڻي صوبن جي ذميواري آهي ته ان حوالي سان قدم کڻن. وڌندڙ آبادي جي ضرورتن جي ڏس ۾ صحت جون سهولتون وڌائڻيون پونديون. گورننس سسٽم کي بهتر بڻائڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اقليتن سميت سمورا پاڪستاني برابر جا شهري آهن، ڪنهن ڪم يا پيشي کي ڪنهن مذهب جي مڃيندڙن سان ڳنڍڻ نه گهرجي. هن چيو ته مديني جي رياست ۾ شهرين کي برابر جا حق حاصل هئا ۽ ميرٽ جو نظام هو. ميرٽ جو نظام لاڳو ڪرڻ کانسواءِ اسان اڳتي نٿا وڌي سگهون. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ اسان جون ترجيحون صحيح رخ ۾ نه رهيون. اصل مسئلن تي ڳالهه نه ٿي، اهي ڪنهن وي لاگ يا ٽاڪ شو موضوع نه ٿا بڻجن. هن ملڪ ۾ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق ۽ ان ڏس ۾ وڌيڪ فنڊز مخصوص ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته تعليم يافته نوجوانن کي اصل ايشوز تي ڳالهه ڪندي ماڻهن کي متوجهه ڪرڻ گهرجي. خاص طور تي اعليٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ پنهنجي آواز کي پاليسي سازن تائين پهچائين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته انساني تاريخ ۾ مختلف سببن جي ڪري لڏپلاڻ ٿيندي رهي آهي. پاڪستان هڪ تمام وڏي آبادي وارو ملڪ آهي، هتان جا ماڻهو بهتر موقعن جي ڳولا ۾ ٻاهر وڃي رهيا آهن ان تي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، اهو قدرتي عمل آهي، پروفيشنلز جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ کي منفي نه وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪا نرس يا ڊاڪٽر ٻاهرئين ملڪ وڃي گلوبل سپلائي چين جو حصو بڻجي ٿو ۽ اسان جي جي ڊي پي ۾ اضافي ۾ مدد ڪري ٿو ته ان ۾ ڪا حرج واري ڳالهه نه آهي ڇو ته جيڪي ماڻهو ٻاهر منتقل ٿي وڃن ٿا اهي ٻاهر وڃي به پاڪستان سان ڳنڍيل رهن ٿا ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو موڪلين ٿا.