پيرس – 08 ڊسمبر (اي پي پي) فرانسيسي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ان جو ملڪ اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين خلاف تشدد جي ڪاروائين ۾ ملوث اسرائيلي آبادڪارن خلاف سخت قدم کڻندي. فرانسيسي پرڏيهي وزارت جي عورت ترجمان اين ڪليئر لوگاندي العربيا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته انهن قدمن ۾ اهڙن اسرائيلي شهرين تي سفري پابنديون لڳائڻ ۽ انهن جا مالياتي اثاثا ضبط ڪرڻ شامل آهن. هن چيو ته فرانس اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين خلاف آبادڪارن جي گروپن طرفان تشدد جي ڪاروائين جي مڪمل مذمت جو ورجاءُ ڪري ٿو. اسان اسرائيل کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو پنهنجون ذميواريون سنڀالي ۽ تشدد جي ڪاروائين کي روڪي ۽ انهن ماڻهن خلاف فوري ڪاروائي ڪري. هن وڌيڪ چيو ته فرانس اسرائيل جي اهڙن شهرين خلاف قومي سطح تي اهڙا قدم کڻڻ جو ارادو رکي ٿو جن ۾ انهن ماڻهن کي فرانس جو سفر ڪرڻ کان روڪڻ ۽ انهن جا مالي اثاثا ضبط ڪرڻ شامل آهي.