اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته افغان عبوري حڪومت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث افغانستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان جي حوالي ڪري ۽ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان کي چٿڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي افغانستان ۾ موجود ان جي ٺڪاڻن ۽ تربيتي مرڪزن جو خاتمو ڪري، افغانستان کي گڏيل تعاون جي نئين تاريخ لکڻ جي دعوت ڏيون ٿا، پاڪستان جي عوام افغان پناهگيرن جي لاءِ دل سان ميزباني ڪئي، ان بي مثال قرباني جي جذبي جي جواب ۾ الزام بازي پاڪستان جي غيرت ۽ بي لوث عوام جي جذبن کي ڌچڪو پهچايو، بدقسمتي سان پاڪستان جي صبر، فراخدلي ۽ مصالحت پسندي جو قدر نه ڪيو ويو ۽ افغان عبوري حڪومت افغانستان مان ٿيندڙ پاڪستان مخالف دهشتگردي جي خلاف خاطرخواهه قدم نه کنيا، افغان حڪومت جي عدم تعاون کانپوءِ هاڻي پاڪستان پنهنجي داخلي معاملن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت صحيح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ پاڙيسريت، مذهب، اخوت ۽ ڀائيچاري جو گهرو رشتو آهي. گذريل چار ڏهاڪن ۾ افغانستان جي لاءِ جنهن ايثار ۽ اخوت جو مظاهرو رياست پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام ڪيو آهي اهو ان جو عملي نمونو آهي. جڏهن به افغانستان تي ڪا به آفت آئي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ان جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ هر طرح سان انهن جو درد ونڊيو. پاڪستان گذريل 44 سالن کان 40 لک کان وڌيڪ افغان شهرين کي کليل دل سان ڀليڪار چيو ۽ محدود وسيلن جي باوجود انتهائي خنده پيشاني سان پنهنجي افغان ڀائرن جو ساٿ نڀايو. ان ڏس ۾ عالمي اداري جي محدود ۽ گهٽ امداد پاڪستان جي پناهگيرن کي چار ڏهاڪن تي ٻڌل معاونت جو ڪجهه به حصو نه آهي. نگران وزيراعظم چيو ته آگسٽ 2021ع ۾ افغانستان ۾ عبوري حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ اسان کي اها قوي اميد هئي ته افغانستان ۾ پائيدار امن قائم ٿيندو. گڏيل تعاون سان ٻئي رياستون ترقي ۽ خوشحالي جون نيون راهون ڳولينديون. پاڪستان مخالف گروهن خاص طور تي تحريڪ طالبان پاڪستان جي خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي ۽ ان کي افغانستان جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي پر بدقسمتي سان عبوري افغان حڪومت جي قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 60 سيڪڙو ۽ خودڪش حملن ۾ 500 سيڪڙو اضافو ٿيو. گذريل 2 سالن ۾ 2267 معصوم پاڪستاني شهرين جون جانيون ان افسوسناڪ رتوڇاڻ جي ور چڙهي چڪيون آهن جنهن جا ذميوار تحريڪ طالبان پاڪستان جا دهشتگرد آهن جيڪي افغانستان جي سرزمين استعمال ڪندي پاڪستان تي بزدلاڻا حملا ڪري رهيا آهن. ان عرصي ۾ خودڪش حملن ۾ ملوث ماڻهن ۾ 15 افغان شهري به شامل هئا. ان کانسواءِ هيستائين 64 افغان شهري دهشتگردي جي خاتمي جي مهم دوران پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان وڙهندي مارجي ويا. اهي سموريون حقيقتون افغان عملدارن جي ڄاڻ ۾ آهن. نگران وزيراعظم چيو ته فيبروري 2023ع کان لاڳيتو هر 15 ڏينهن کانپوءِ پاڪستان پاران افغان عبوري حڪومت کي احتجاجي خطن ۾ افغانستان واڳيل دهشتگرد حملن جا مڪمل تفصيل مهيا ڪيا پيا وڃن. گڏيل قومن جي مانيٽرنگ ٽيم جي جولاءِ 2023ع ۾ جاري ٿيندڙ رپورٽ ۾ پڻ افغانستان ۾ موجود تحريڪ طالبان پاڪستان جي مرڪزن ۽ ان جي پاڪستان مخالف سرگرمين ۾ اضافي جو واضح ذڪر ڪيو ويو آهي. ان سڀ ڪجهه جي باوجود پاڪستان سڄي دنيا ۾ افغانستان ۽ افغان عوام جي ڀرپور حمايت ۽ وڪالت جاري رکي ۽ اسان افغانستان جي صورتحال ۽ افغان عوام کي درپيش مشڪلاتن طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائيندا رهياسين. نگران وزيراعظم چيو ته ان سان گڏوگڏ پاڪستان حڪومت افغانستان کي واپار ۽ درآمد جي حوالي سان انتهائي غيرمعمولي مراعتون ڏنيون پر بدقسمتي سان پاڪستان جي صبر، فراخدلي ۽ مصالحت پسندي جو قدر نه ڪيو ويو ۽ افغان عبوري حڪومت افغانستان مان ٿيندڙ پاڪستان مخالف دهشتگردي جي خلاف ڪي خاطرخواهه قدم نه کنيا. آخرڪار فيبروري 2023ع ۾ هڪ دهشتگرد حملي ۾ 100 کان وڌيڪ معصوم ماڻهن جي شهادت کانپوءِ دفاع واري وزير جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو جنهن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ پڻ شامل هو. ان وفد افغان عبوري حڪومت کي پاڪستان جي شديد خدشن کان آگاهه ڪندي پاڪستان تحريڪ طالبان پاڪستان مان هڪ کي چونڊ ڪرڻ جو واضح اشارو ڏنو. ان کانپوءِ به سياسي، سفارتي، فوجي، رسمي ۽ غيررسمي ذريعن سان افغان عبوري حڪومت کي افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ جو واضح پيغام ڏنو ويندو رهيو. افغانستان ۾ موجود پاڪستان کي گهربل دهشتگردن جي فهرست پڻ افغان عبوري حڪومت جي حوالي ڪئي وئي، افغان عبوري حڪومت جي بار بار خاطرين جي باوجود پاڪستان مخالف دهشتگرد گروهن جي خلاف ڪي قدم نه کنيا ويا پر ڪجهه موقعن تي ته دهشتگردن جي سهولتڪاري جا واضح ثبوت پڻ سامهون آيا. ان ڏس منظر ۾ به ڪو ٺوس قدم کڻڻ بدران افغان حڪومت ڪيترائي ڀيرا اهو مشورو ڏنو ته پاڪستان کي پنهنجي اندروني حالتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. نگران وزيراعظم واضح ڪيو ته افغان حڪومت جي ان رويي ۽ عدم تعاون کانپوءِ هاڻي پاڪستان پنهنجي داخلي معاملن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت صحيح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان پاڪستان جا تازا قدم نه ته غيرمتوقع ۽ نه ئي حيران ڪندڙ آهن. پاڪستان ۾ بدامني ڦهلائڻ ۾ هڪ وڏو ڪردار غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جو آهي. ان لاءِ رياست پاڪستان انهن ماڻهن کي پهرين نومبر کان واپس پنهنجي ملڪن ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان ۾ هڪ وڏي انگ ۾ غيرملڪي غيرقانوني طور تي رهندڙ آهن جن ۾ اڪثريت افغان شهرين جي آهي. دهشتگردي ۽ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث اڪثر ماڻهن جو تعلق انهن ئي غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ رهندڙن سان آهي. ان جي باوجود پاڪستان حڪومت هيستائين انهن غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين جي رضاڪاراڻي وطن واپسي کي ترجيح ڏني ۽ رضامندي سان واپس ويندڙ ماڻهن ۽ خاندانن کي عزت ۽ وقار سان واپس وڃڻ جا سمورا موقعا فراهم ڪيا. پاڪستان حڪومت جا سمورا ادارا گڏجي طورخم، چمن ۽ ٻين سرحدي علائقن ۾ بهترين انتظامي قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهن ۽ اسان اميد ڪريون ٿا ته عبوري افغان حڪومت به پنهنجي هم وطنن جي لاءِ سرحد جي پار پاڪستان جي طرز تي بهتر قدم کڻندي. پاڪستان کي غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي واپس موڪلڻ جو مڪمل قانوني ۽ اخلاقي حق حاصل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته هتي اهو واضح ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ته انهن غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کانسواءِ 14 لک جي لڳ ڀڳ افغان پناهگير پروف آف ريزيڊنس تحت رجسٽرڊ آهن ۽ انتهائي عزت ۽ احترام سان پاڪستان ۾ رهن ٿا. ان کانسواءِ پاڪستان حڪومت اٽڪل 8 لک افغان شهرين کي افغان سٽيزن ڪارڊ تحت رجسٽرڊ ڪيو آهي. اهي ماڻهو غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ رهندا هئا ۽ انهن جي قيا کي عبوري طور تي انتظامي جواز مهيا ڪيو ويو آهي. انهن کي ان مرحلي ۾ ڪنهن به قسم جي دٻاءُ کانسواءِ پاڪستان ۾ رهڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي. هن چيو ته هتي اهو نقطو به ذڪر جوڳو آهي ته بي نامي ملڪيتن ۽ غيرقانوني سرمائي جو دهشتگردي ۽ ڏوهن سان گهرو رشتو آهي. تازي مهم ۾ اهو به نظر ۾ رکيو ويندو ۽ انهن معاملن ۾ قانون موجب ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي. نگران وزيراعظم ان ڏس ۾ ڪجهه افغان اڳواڻن جي غيرضروري، غيرذميواراڻي، گمراهه ڪندڙ ۽ ڌمڪي آميز بيانن کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته اهڙا بيان فضا کي خراب ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته افغان اڳواڻن جي بيانن جي فوري پوءِ دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ غيرمعمولي تيزي نه رڳو معنيٰ خيز آهي پر رياست پاڪستان جي خدسن جي توثيق پڻ ڪري ٿي. افغان عبوري حڪومت کي اهو پتو هجڻ گهرجي ته افغانستان ۽ پاڪستان ٻه پاڙيسري پر خودمختيار ملڪ آهن جن جي گڏيل لاڳاپن کي رسمي طور تي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي ملڪن جا گڏيل لاڳاپا ائين ئي هلائڻ گهرجن جيئن سڄي دنيا ۾ ٻين خودمختيار ملڪن جي وچ ۾ هلايا وڃن ٿا. پاڪستان جا قانون جيڪي باقي سمورن ملڪن سان اسان جي پرڏيهي پاليسي، اسان جي اچ وڃ ۽ واپار جو احاطو ڪن ٿا، افغانستان جي حوالي سان هڪ هڪ جهڙا لاڳو ڪيا ويندا. پاڪستان افغانستان جي سهولت لاءِ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي سلسلي کي جاري رکنيو آهي ۽ جاري رکندو. ان حوالي سان رياست پاڪستان اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ ڪجهه قدم کنيا آهن جن مان هڪ منفي فهرست جاري ڪئي آهي. منفي فهرست ۾ اهي درآمدي شيون شامل ڪيون ويون آهن جن جي افغانستان ۾ طلب نه هجڻ جي برابر هئي ۽ اسمگل ٿي پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي وڪرو ٿي رهيون هيون. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام افغان پناهگيرن جي لاءِ دل سان ميزباني ڪئي، ان بي مثال ايثار جي جذبي جي جواب ۾ الزام بازي پاڪستان جي غيرتمند ۽ بي لوث عام جي جذبن کي ٺيس پهچايو آهي. پاڪستان حڪومت افغان عبوري حڪومت جي مسلسل اصرار تي آخري دم تائين ڪوشش ڪئي ته انهن معاملن کي ميڊيا تي آڻڻ کانسواءِ گڏيل افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي پر افغان عبوري حڪومت جي اعليٰ عملدارن جي اجائي ۽ غيرضروري بيانن کانپوءِ اهو ضروري سمجهيو ويو ته پاڪستان حڪومت پنهنجو موقف واضح ڪري. نگران وزيراعظم چيو ته اسان افغان عبوري حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها به افغانستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ پاڪستانين، جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهن کي پاڪستان جي حوالي ڪري. پاڪستان حڪومت اهڙن سمورن پاڪستانين کي وصول ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻي صورت ۾ اسان عبوري افغان حڪومت کان اميد ڪريون ٿا ته اها تحريڪ طالبان پاڪستان کي چٿڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. افغانستان ۾ موجود جيڪي تحريڪ طالبان پاڪستان جي ٺڪاڻن ۽ تربيتي مرڪزن جو خاتمو ڪندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته دهشتگردي جا سوداگر افغانستان جي سرزمين کي پنهنجي ڪڌي مقصدن جي لاءِ استعمال نه ڪري سگهن. نگران وزيراعظم چيو ته اڄ اسان جو خطو تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺل آهي. نگران وزيراعظم دعوت ڏني ته اچو اسان گڏيل تعاون جي هڪ نئين تاريخ لکون. نئين صبح جو بنياد دهشتگردي جي خلاف عملدرآمد سان ڳنڍيل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾نگران وزيراعظم چيو ته چين، ايران، آذربائيجان سميت مختلف ملڪن ۾ اهڙيون قومون رهن ٿيون جيڪي سرحد جي ٻنهي طرفن موجود آهن ۽ هڪ جهڙو پس منظر رکندڙ آهن. ڪردن جو عراق، ايران ۽ ترڪيه سان اهڙي طرح جو معاملو آهي. خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي علائقن ۾ سرحد پار غيرقانوني اچ وڃ جو ڪو جواز نه آهي. دنيا جي ڪا رياست غيرقانوني اچ وڃ جي اجازت نه ٿي ڏي، اسان ڪو نئون ڪم ناهي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم ٻڌايو ته هيستائين لڳ ڀڳ 2 لک 52 هزار غيرملڪين جي رضاڪاراڻي واپسي ٿي آهي. اهو تمام حوصلي جوڳو ۽ خوش آئنده آهي. غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين جي رضاڪاراڻي واپسي جي حوصلا افزائي ڪنداسين ۽ انهن جي عزت نفس جو پڻ خيال رکنداسين. رياست پنهنجي فيصلي جي ڊريڪونين انداز ۾ عملدرآمد نه ڪري رهي آهي پر اسان پنهنجي پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. انهن کي ڪنهن بدلي يا انتقام ۾ واپس نه پيو موڪليو وڃي. اهو ڪم تمام اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي ها پر نه ٿيو. رضاڪاراڻي طور تي اڍائي لک ماڻهن جو واپس وڃڻ معمولي ڳالهه نه آهي. اسان جي فيصلن جا سٺا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. اها پاليسي ڪاميابي سان لاڳو ٿيندي. پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت جي وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي سمورين ڪوششن جي باوجود افغانستان جي عبوري حڪومت پاران مثبت قدم نه کنيا ويا جنهن جي ڪري اسان کي پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪرڻي پئي. اميد آهي ته هاڻي اسان سان افغانستان جا لاڳاپا اڳ کان بهتر ٿيندا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن به پشتون کي ان پاليسي جي آڙ ۾ نشانو نه بڻايو ويندو. چئني صوبائي حڪومتن کي ان حوالي سان حڪم ڏنا ويا آهن. اسان اها پاليسي ڪنهن کي نشانو بڻائڻ يا هيٺئين سطح تي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ جو ذريعو بڻائڻ جي لاءِ ناهي ٺاهي. جيڪڏهن ڪو اهڙي طرح جي ڪنهن سرگرمي ۾ ملوث ڏٺو ويو ته ان کي سخت ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو. سمورن صوبن ۽ علائقن جي عوام برابر جا شهري آهن ۽ ڪنهن نسلي تعصب جي بنياد تي ڪنهن سان امتيازي سلوڪ رکڻ جي اجازت نه ڏني ويندي پر پاليسي جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ به اچڻ نه ڏني ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان تي آمريڪا يا ڪو به ملڪ دٻاءُ نه ٿو وجهي سگهي. ڪنهن ملڪ پاران ڪنهن معاملي تي پاڪستان کي درخواست ڪرڻ جو دٻاءُ وجهڻ جي برابر نه ٿو قرار ڏئي سگهجي. پاڪستان ڪنهن ملڪ جو دٻاءُ نه قبول ڪندو آهي نه ڪندو. طالبان جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو افغانستان ڇڏي پاڪستان اچي ويا. انهن ماڻهن جا دستاويز پاڪستان وٽ به موجود آهن ۽ جن ملڪن ۾ انهن کي وڃڻو آهي. انهن وٽ به انهن جا دستاويز موجود آهن. پاڪستان مختلف اولهندي ملڪن سان معاونت ۾ آهي. جن ملڪن سان گڏ انهن ماڻهن ڪم ڪيو آهي ۽ اهي انهن کي پاڻ وٽ سيٽل ڪرڻ چاهين ٿا انهن جي حوالي سان اسان کي ڪو اعتراض نه آهي. اهڙن افغان شهرين جي حيثيت غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کان مختلف آهي جن کي واپس موڪليو پيو وڃي اهي اهڙا ماڻهو آهن جن وٽ ڪنهن به قسم جا ڪي دستاويز نه آهن. انهن ماڻهن کي هتي ناهي رهڻو، انهن کي ڪنهن اولهندي ملڪ هلي وڃڻو آهي ۽ اهي انتظام ۾ آهن. اسان انهن جيجلد واپسي جي لاءِ ٽائيم لائين گهري آهي. اسان يقيني بڻائيندسين ته ان ٽائيم لائين جي اندر اهي ماڻهو گهربل ملڪ هليا وڃن. انهن ماڻهن جي حوالي سان اسان لاڳاپيل ملڪن جي معاونت ڪنداسين. اسان انهن کي هتي رهڻ جي قطعي طور اجازت نه ڏئي رهيا آهيون، انهن کي هتان وڃڻو آهي ۽ انهن کي وٺي وڃڻ جي لاءِ لاڳاپيل ملڪ تيار آهن. انهن جي واپسي جي حوالي سان مڪينزم تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته غزه ۾ ٻار ۽ عورتون شهيد ٿي رهيا آهن. اسپتالن تي حملا ٿي رهيا آهن. ڪنهن رياست صدين ۾ اهڙو ظلم نه ڪيو هوندو. سعودي عرب ۾ ان معاملي تي هڪ خصوصي اجلاس گهرايو پيو وڃي جنهن جو بنيادي مقصد اهو آهي ته تشدد جو فوري خاتمو ٿئي ۽ دوائون ۽ خوراڪ سميت ضروري سامان پهچي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردن اسان جي ملڪ جي خلاف اعلان جنگ ڪري رکيو آهي. دشمن هر طرح جي حالتن ۾ اها جنگ جاري رکي آهي. اسان به ان کي هر طرح جي حالتن ۾ جواب ڏيندا رهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته افغانستان هڪ جدا ملڪ آهي. ايران ۾ 30 سيڪڙو آذري رهواسي آهن ۽ آذربائيجان ۾ به آذري رهن ٿا. هزار سال کان ٻنهي طرف ماڻهو رهيا آهن. اهڙي طرح تاجڪ به تاجڪستان جي سرحد جي ٻنهي طرفن آهن. ازبڪ به ازبڪستان جي سرحد جي ٻنهي طرفن آهن. ترڪمانستان جي به اهڙي ئي صورتحال آهي. پاڪستان جو معاملو جدا انداز ۾ ائين پيش ڪيو وڃي ٿو جيئن اهو ڪنهن ٻئي جو مسئلو نه آهي. ڇا ڪا ٻي رياست آزاداڻي ۽ بنا روڪ ٽوڪ لڏپلاڻ جي اجازت ڏي ٿي؟ قومي رياستن جي پاليسي آئين ۽ قانون جي تابع هوندي آهي.