والاريل بيت المقدس -04 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل جي 1948ع کان قبضي هيٺ آيل عرب علائقن ۾ مسجد جي امام کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن سبب اسرائيل ۾ عرب عوام لاءِ سپريم فالو اپ ڪميٽي ۽ مقامي اٿارٽيز جي سربراهن جي قومي ڪميٽي اڄ عام هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق مسجد جي امام شيخ سميع المصري جي قتل خلاف هڙتال جو فيصلو گذريل ڏينهن ڪفر قره ميونسپلٽي جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ٿيل اجلاس دوران ڪيو ويو. اجلاس م ٻڌايو ويو ته جمعي ۽ ڇنڇر جي دوران 24 ڪلاڪن دوران 3 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو. اجلاس ۾ فالو اپ ڪميٽي جي ميمبرن چيئرمين محمد براڪا، عرب مقامي اٿارٽيز جي سربراهن لاءِ قومي ڪميٽي جي سربراهه وڪيل مدثر يونس، ڪفر قره جي ميئر فراس بدي سمورين سياسي پارٽين، مسجدن جي امام ۽ مقبول ڪميٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. فالو اپ ڪميٽي جي سربراهه مسجد جي امام شيخ سميع المصري جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏوهن جي دائري کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ اسرائل آمراڻين سازشن ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. هن عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته اهي اسرائيل جي حڪومت ۽ ان جي ايجنسين خلاف قدم کڻن.