اسلام آباد -20 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي پنڊي ڀٽيان ويجهو مسافر بس ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر پريس ونگ طرفان جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ صدر مملڪت عارف علوي انساني جانين جي ضايع تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت ڏکويل ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار به ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. صدر مملڪت فوت ٿي ويلن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ ان جي پوئينرن سان همدردي جو اظهار ڪيو.