لاهور – 11 آگسٽ (اي پي پي) اي سي سي ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي پاڪستان مرحلي جي ميچن جي ٽڪيٽن جو وڪرو (اڄ) ڇنڇر کان شروع ٿيندو. پي سي بي ترجمان مطابق اهي ٽڪيٽون pcb.bookme.pk تي دستياب هونديون. ٽڪيٽن جون قيمتون ان سوچ تحت مناسب رکيون وين آهن ته پاڪستان 15 سالن جي عرصي کان پوءِ ايشيا ڪپ جي ميزباني ڪري رهيو آهي ته جيئن مداح آساني سان پاڪستاني ۽ ايشين اسٽارز کي ويجهو کان ڏسي سگهن. پهرين مرحلي ۾ ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۽ قذافي اسٽيڊيم لاهور جي وي آئي پي ۽ پريميم انڪوزرز جي ٽڪيٽن جون قيمتون سامهون آنديون وينديون. 76 هين يوم آزادي جي موقعي تي فرسٽ ڪلاس ۽ جنرل انڪوزرس جي ٽڪيٽن جي قيمتن جو اعلان ڪيو ويندو. اهي سمورا اعلان پي سي بي جي آفيشل سوشل ميڊيا چينلز ذريعي ٿيندا.