لاهور – 11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيت بورڊ اعلان ڪيو آهي ته 24-2023ع جي ڊوميسٽڪ سيزن ۾ راند جي معيار ۾ اضافي ۽ مقابلي جي فضا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ آمدني جي موقعن ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي 8 ڊيپارٽمينٽس ۽ اٺن ريجنز جون ٽيمون ڌار فرسٽ ڪلاس ٽورنامينٽس ۾ حصو وٺنديون. بيان ۾ ترجمان پي سي بي ٻڌايو ه ان قدم جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ آهي ته ريجنز ۽ ڊيپارٽمينٽس هڪ جهڙن موقعن ۾ کيڏندي بهترين دستياب ٽيلينٽ کي استعال ۾ آڻي سگهن.