راولپنڊي-09 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير جهلم ويجهو ٽله فيلڊ فائرنگ رينج جو دؤرو ڪيو. آرمي چيف لائيو فائر ۽ جديد وي ٽي – 4 ٽينڪن جي مشقن، لانگ رينج ايس ايڇ – 15 آرٽلري گنز جي گولا باري جي صلاحيتن ۽ جديد اوزارن جي نمائش جو مشاهدو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف عملي جي جنگي مهارتن ۽ جديد ترين هٿيارن تي انهن جي مهارت کي ساراهيو. آرمي چيف چيو ته پاڪستاني فوج موجوده ۽ اڀرندڙ چئلينجن کان آگاهه آهي ۽ هن وٽ سمورن رخن موجب پنهنجي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي صلاحيت موجود آهي. آرمي چيف اعليٰ درجي جي پيشيوراڻي مهارت تي اسٽرائيڪ ڪور جي جٿن طرفان ڏيکاريل جذبي کي ساراهيو. ان کان اڳ سندس آمد تي منگلا ڪور جي ڪمانڊر آرمي چيف جو استقبال ڪيو ۽ کيس اسٽرائيڪ ڪور جي آپريشنل تيارين بابت بريفنگ ڏني.