شارجا-07 جون (اي پي پي) ويسٽ انڊيز يو اي اي کي لڳاتار ٻي ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ ۾ 78 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2_0 جي سرسي حاصل ڪئي آهي، ويسٽ انڊيز جي جانسن چارلس کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، تفصيل موجب يو اي اي جي ٽيم 307 جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ سموري ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 07 وڪيٽن جي نقصان تي 228 رنسون اسڪور ڪيون، شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽن ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ مهمان ٽيم ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي اڳ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 49.5 اوورز ۾ 306 رنسون اسڪور ڪيون ۽ يو اي اي کي ڪاميابي لاءِ 307 جو هدف ڏنو.يو اي اي جي ٽيم گهربل هدف اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ٽيم 7 ووڪيٽن جي نقصان تي 228 رنسون ٺاهيون، واضع رهي ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 09 جون تي ساڳي جاءِ تي کيڏي ويندي.