اسلام آباد-07 جون (اي پي پي) ايشين يوٿ نيٽ بال فيڊريشن جي اهتمام هيٺ ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپئن شپ 10 جون کان ڪوريا ۾ شروع ٿيندي . پاڪستان نيٽ بال فيڊريشن جي صدر مدثر آرائين ٻڌايو ته چيمپئن شپ ۾ 11 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺنديون ،جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي . پاڪستان کي گروپ اي ۾ ملائشيا ، هانگ ڪانگ ، ٿائيلينڊ ، ڀارت ۽ جاپان سان گڏ رکيو ويو آهي . جڏهن ته گروپ بي ۾ سنگاپور ، سريلنڪا ، برونائي ، تائيوان ۽ ڪوريا شامل آهن . سيمي فائنل مقابلو 16 جون تي کيڏيو ويندو جڏهن ته فائنل ۽ پوزيشن ميچون 17 جون تي ٿينديون .