ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات اهم شعبن ۾ ٺوس ۽ بامعنيٰ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ، اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مشاورت ۽ تعاون کي تيز ڪرڻ سان گڏوگڏ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪانلاجي جي شعبن ۾ ڊيجيٽل ورڇ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ابوظهبي جي ٻن ڏينهن جي دوري کانپوءِ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارت جي گڏيل پڌرنامي ۾ ٻنهي ملڪن پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو جن جون پاڙون گڏيل مذهب، ثقافت، قدرن ۽ علائقائي ۽ عالمي ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ ۾ آهن. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات پڌرنامي ۾ ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي هڪ جهڙائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پڌرنامي موجب ٻنهي ملڪن پنهنجي ڏهاڪن پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جي بنياد تي پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ جي ڪوششن ۾ هڪ ٻئي سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ٻنهي ملڪن اهم شعبن ۾ ٺوس ۽ بامعنيٰ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي مقصد سان گڏ پنهنجي اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مشاورت ۽ تعاون کي تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ڌرين انساني اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ، معلومات جي مٽاسٽا ۽ ٻنهي ملڪن جي سفارتي اڪيڊمين جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف 12 ۽ 13 جنوري تي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪيو، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو يو اي اي جو اهو ٽيون دورو هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف شيخ محمد بن زايد النهيان سان ٻطرفي ملاقات ڪئي، وزيراعظم کي صدارتي محل ۾ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٺوس قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته علائقائي سياسي ۽ سلامتي جيمعاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سياسي، دفاعي، اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ، گڏيل منصوبن کي فروغ ڏيڻ ۽ انساني وسيلن جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مخصوص قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ دوران خاص طور تي ان مقصد جي لاءِ قائم ڪيل ”ايئر برج“ جي ذريعي گڏيل عرب امارات جي فراخدلاڻي مدد تي شيخ محمد بن زايد النهيان جا ٿورا مڃيا. ٻنهي ڌرين انساني اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ، معلومات جي مٽاسٽا ۽ ٻنهي ملڪن جي سفارتي اڪيڊمين جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف شيخ محمد بن زايد النهيان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جيڪا يو اي اي جي قيادت قبول ڪري ورتي.